ڪراچي (رپورٽ: دودو چانڊيو) پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته چونڊ سڌارن لاءِ قانون سازي جي ضرورت آهي پر جيستائين اسٽيبلشمينٽ کي چونڊ عمل کان پري نه رکيو ويندو تيستائين چونڊ سڌارن جو ڪو فائدو نه ٿيندو، چونڊ سڌارن لاءِ قانونسازي سان گڏ اهو اتفاق راءِ به ضروري آهي ته سياست ۽ چونڊن ۾ اسٽيبلشمينٽ جي مداخلت نه هجي، انهي لاءِ اليڪشن ڪميشن ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي، ڪالهه هتي پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته نواز ليگ هڪڙي سيٽ هارائڻ تي فوج جي مداخلت جو مطالبو پئي ڪري، چونڊ عمل ۾ فوج کي شامل ڪرڻ سان نه رڳو چونڊون تڪراري ٿين ٿيون پر غير ضروري طور تي فوج به تڪراري بڻجي ٿي. نواز ليگ پاران بيلٽ باڪس فوج جي تحويل ۾ ڏيڻ وارو مطالبو غير ذميواراڻو آهي، انهي جي حمايت نٿي ڪري سگهجي. انهن وٽ ڌانڌلين جا ڪي ثبوت آهن ته اليڪشن ڪميشن سان رجوع ڪن، هن وڌيڪ چيو ته 2018ع جي چونڊن ۾ هر پولنگ اسٽيشن تي فوج مقرر ٿيل هئي، جيڪا تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ايتري انگ ۾ مقرر ٿيل هئي، اين اي 249 واري اليڪشن ۾ اسٽيبليشمينٽ جو ڪو ڪردار نه هو، هن چيو ته مولانا فضل الرحمان سان ڪو رابطو نه ٿيو آهي، پي ڊي ايم ۾ طئه ٿيو هو ته حڪومت خلاف جمهوري هٿيار استعمال ڪنداسين، پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار خلاف عدم اعتماد جي تحريڪ آڻينداسين، اتحادين اسان کي چيلنج ڪيو ته عدم اعتماد جي تحريڪ ڪامياب نه ٿي سگهندي، اسان سينيٽ چونڊن ۾ ثابت ڪري ڏيکاريو ته رڳو پنجاب ۾ نه پر وفاق ۾ به عدم اعتماد اچي سگهي ٿي، رڳو ٿوري همت ڪيو پر ان جي ڳالهه ئي نٿي ڪئي وڃي رڳو استعيفائن ۽ بائيڪاٽ جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي، انهي سان حڪومت نه ويندي پر عوام جي مايوسي ۾ اضافو پڻ ٿيندو. هن چيو ته جيڪڏهن عمران خان اسيمبليون ٽوڙڻ جي ڳالهه ڪري ٿو ۽ نواز ليگ استعيفائن جي ڳالهه ڪري ٿي ته پوءِ اهي ٻئي هڪ ئي پيج تي آهن، استعيفائون ڏيڻ گهرجن پر ان کان اڳ جمهوري هٿيار استعمال ڪرڻ گهرجي، جيڪڏهن توهان وٽ ( نوازليگ) پنجاب ۾ اڪثريت آهي ته پوءِ بوزدار کي چيلنج ڇو نٿو ڪيو وڃي؟، ٽن سالن تائين اها ڪرمنل سياسي نگليجنس ( اها سياسي غفلت جيڪا ڏوهه بڻجي وڃي) ڪئي وئي. هڪڙي ڏينهن لاءِ به بوزدار حڪومت لاءِ مشڪلات پيدا نه ڪئي وئي، هاڻ اسان کي محسوس ٿئي پيو ته شايد هنن (نواز ليگ ۽ پي ٽي آءِ ) جو مڪ مڪا ( ٺاهه ) آهي، شايد نواز ليگ اهو سوچي ٿي ته بوزدار جيترو به پنجاب کي نقصان پهچائي، ڀلي پيو پهچائي، انهي سان اڳتي هلي کين سياسي فائدو ٿيندو.