اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي ڪابينا جو اجلاس اڄ اڱاري ڏينهن وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ٿيندو، وفاقي ڪابينا 8 نقاطي ايجنڊا تي منظوري لاءِ غور ڪندي، جنهن ۾ اين اي ڊي انجنيئرنگ يونيورسٽي ڪراچي کي 100 سال مڪمل ٿيڻ تي اعزازي سڪو جاري ڪرڻ، عيد جي موقعي تي قيدين جي سزا گهٽ ڪرڻ واري سمري منظوري ڪرڻ تي پڻ غور ٿيندو، گهرو وزارت پاران اماڻيل سمري ۾ وفاقي ڪابينا کي سفارش ڪئي وئي آهي ته عيد جي موقعي تي قيدين جي سزا ۾ 30 ڏينهن جي معافي ڏني وڃي، اهڙي معافي دهشتگردي، قتل، ڪرپشن ڪيسن سميت سنگين نوعيت جي ڏوهن ۾ ملوث قيدين کي نه ملندي، عام نوعيت جي ڪيسن ۾ سزا ڪاٽيندڙ قيدين جي سزائن ۾ 30 ڏينهن جي معافي ڏيڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي، جنهن جي وفاقي ڪابينا پاران منظوري ڏيڻ جو امڪان آهي، ڪابينا اجلاس ۾ سول انتظاميا جي مدد لاءِ پاڪ فوج جي مقرري جي منظوري به ايجنڊا ۾ شامل آهي، وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ريلوي ڪنسٽرڪشن پاڪستان لميٽيڊ جي سي اي او جي مقرري، هيوي انڊسٽري ٽيڪسيلا ۾ پروڊڪشن ڪنٽرول ميمبر جي مقرري به ايجنڊا ۾ شامل آهي، وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ملڪي سياسي صورتحال سان گڏ ڪورونا وائرس جي صورتحال ۽ ايس او پيز تي عملدرآمد جو به جائزو ورتو ويندو، جڏهن ته يورپي يونين جي پاڪستان خلاف منظور ٿيل قرارداد جو به جائزو ورتو ويندو.