لاهور (م ڊ) نواز ليگ وزيراعظم جو بنا پروٽوڪول اسلام آباد جي دوري کي ڊرامو قرار ڏئي ڇڏيو، نواز ليگ جي نائب صدر مريم نواز وزيراعظم عمران خان جي بازار ۾ دوري تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته جڏهن چونڊيل وزيراعظم عوام ۾ نڪرندو آهي ته شهر ۾ ڪرفيو نه لڳايو ويندو آهي. مريم نواز پنهنجي ٽوئيٽر پيغام ۾ چيو ته جڏهن چونڊيل وزيراعظم عوام ۾ نڪرندو آهي ته شهر ۾ ڪرفيو ناهي لڳايو ويندو.  جيڪڏهن اوهان عوام جي خدمت ڪريو ها، ڪم ڪيو هجي ها ته عوام کان لڪي خالي  دڪانن ۾ فوٽو شوٽ نه ڪرائڻا پون ها. مريم نواز چيو ته شهر جي دوري دوران ماڻهن سان ملي محبتون ماڻيون وينديون آهن. نواز ليگ جي مرڪزي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان اوهان جي ماڊلنگ سان اٽي، کنڊ، بجلي، گيس ۽ دوا جي قميتن ۾ گهٽتائي ناهي ايندي، بازارن ۾ ڊرامو ۽ ميڊيا اسٽنٽس ڪرائڻ بدران مهانگائي گهٽ ڪرايو، مريم اورنگزيب چيو ته عوام تاريخ جو مهانگو ترين رمضان گذاري رهيو آهي پر انهن کان ڪير به حال پڇڻ وارو نه آهي، شماريات کاتو ڪوڙا انگ اکر ڏئي حڪومتي مفادن جي غلامي ڪري رهيو آهي.