اسلام ڪوٽ ڌرڻي مان گرفتاري بعد آزاد ٿيندڙن جي استقبال لاءِ ماڻھن جو سمنڊ اٿلي پيو

0
290

مٺي (ن پ ا) اسلام ڪوٽ ڌرڻي مان گرفتاري بعد ميرپورخاص جيل مان آزاد ٿيل پي ٽي آءِ اڳواڻ لجپت سوراڻي، بي آءِ ايف اڳواڻ ڪامريڊ گومون ڀيل ۽ ٻين پورهيتن جي استقبال لاءِ ٿر جي مختلف علائقن سوين ماڻهن جون ڌار ڌار ريليون مٺي ڦانگاريو اسٽاپ وٽ پهچي ويون، دهشتگردي ڪيس ۾ گرفتاري بعد جيل مان آزاد ٿيل اڳواڻن ۽ پورهيتن جي استقبال لاءِ مٺي ۾ عوام جو سمنڊ اٿلي پيو، لجپت سوراڻي ۽ ٻيا ڪجھھ دير ۾ ميرپرخاص کان مٺي جي ڦانگاريو اسٽاپ وٽ پهچڻ وارا آھن. مٺي پهچندڙ اڳواڻن جي قافلي ۾ ارباب گروپ، پي ٽي آء سميت مختلف سياسي پارٽين ۽ بي آء ايف جا مرزي اڳواڻ شريڪ آھن، جيل مان آزاد ٿي آيل ڌرڻي متاثرن کي هزارين ماڻھن جي جلوس ۾ ڦانگاريو اسٽاپ کان سوراڻي هائوس مٺي آندو ويندو ۽ ريلي کي اڳواڻ خطاب ڪندا.