اميد ته پاڪستان طالبان کي ڳالهين واري ميز تي آڻڻ ۾ مدد ڪندو: افغانستان

0
379

ڪابل (م ڊ) افغانستان جي پرڏيهي معاملن واري وزير حنيف اتمر پاڪستان مان اميد ظاهر ڪئي آهي ته طالبان کي ظالماڻي مهم ۽ حمايت روڪڻ ۾ اسان جي مدد ڪندو، سندس چوڻ هو ته القائده، ٽي ٽي پي ۽ ٻيا گروپ ملي ڪري افغان حڪومت خلاف وڙهي رهيا آهن، افغان اختياريون طالبان، القائده ۽ ٽي ٽي پي جي وچ ۾ ڪو رابطن کي روزاني جي بنياد تي ڏسندييون آهن، اهو تعلق بلڪ موجود آهي، هن وقت اهي عنصر طالبان سان گڏجي اسان جي حڪومت خلاف وڙهي رهيا آهن، رڳو افغانستان ۽ پاڪستان کي نه پر ڀارت، چين، روس ۽ وچ اوڀر سميت سڄي خطي کي خطرو آهي، طالبان سڄي دنيا کي دوکو ڏنو آهي.