اسسٽنٽ ڪمشنر عمرڪوٽ جي رشوت وٺڻ جون وڊيوز وائرل

0
75

عمرڪوٽ(رپورٽ: اوي گوسوامي) اسسٽنٽ ڪمشنر عمرڪوٽ شعبان شيخ جون مختلف پيٽرول پمپ کان مبينا پئسا وٺڻ واري ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي آهي جنهن ۾ شعبان شيخ جي موجودگي ۾ سندس آفيس جو ڪلارڪ پمپ جي مينئجر کان مبينا طور پئسا وٺي رهيو آهي

اسسٽنٽ ڪمشنر شعبان شيخ کي بي پي ايس 17 ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر  طور پهريون ڀيرو عمرڪوٽ ۾ ئي مقرر ڪيو ويو آهي هو  پي ايس 50 جو آر او پڻ مقرر ڪيل آھي

هوڏانهن اسسٽنٽ ڪمشنر عمرڪوٽ شعبان شيخ سان رابطو ڪري تعارف ڪرايو ويو ته هن ڪال ڪٽي ڇڏي، ان بعد بار بار رابطو ڪرڻ جي باوجود فون اٽينڊ نه ڪيائين

رابطو ڪرڻ تي پمپ مالڪ علي کاڙت ٻڌايو ته جيڪا وڊيو وائرل ٿي آهي اها بلڪل منهنجي پيٽرول پمپ جي آهي منهنجي پمپ جو مئنيجر نرمل ميگھواڙ اي سي جي موجودگي ۾ سندس ڪلارڪ جئه سونارو کي پئسا ڏئي رهيو آهي

جڏھن ته اسان جي پمپ جي ماپ ۾ ڪابه هيرا ڦيري ٿيل نه هئي. هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ ولي محمد بلوچ ٻڌايو ته اي سي عمرڪوٽ پاران علي پيٽرول پمپ تي رشوت وٺڻ جي وڊيو وائرل ٿيڻ کان پوءِ ڪمشنر ميرپورخاص نوٽيس وٺندي مون کي ليٽر جاري ڪيو آهي ته ٻن ڏينهن اندر انڪوائري ڪري رپورٽ پيش ڪريان

آئون انهي معاملي جي صاف شفاف انڪوائري ڪري رپورٽ ڪمشنر ميرپورخاص وٽ جمع ڪرائيندس مون به اهو مامرو سوشل ميڊيا تي ڏٺو آهي وڌيڪ انڪوائري ڪرڻ سان خبر پوندي