ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ سردي جي لھر سبب تعليم کاتي پاران ڪراچي شهر کانسواءِ پرڳڻي جي باقي 23 ضلعن جي اسڪولن جو وقت صبح جو نائين وڳي ڪرڻ جون تياريون، اڄ نوٽيفڪيشن جاري ٿيندو، ان حوالي سان تعليم کاتي جي سيڪريٽري  ڊاڪٽر شيرين ناريجو ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ۾ ٿڌ ۾ واڌ بابت مختلف ضلعن جي ڊي اي اوز ۽ ڊائريڪٽرز پاران کيس لکت ۾ رپورٽ  اماڻي وئي آھي، اهڙي صورتحال کي نظر ۾ رکندي مون وزير سان پڻ ڳالهايو آھي، اسان ٿڌ سبب موڪلون ته نٿا ڪريون پر ڪراچي کي ڇڏي صوبي جي باقي 23 ضلعن ۾ اسڪولن جو وقت ھڪ ڀيرو ٻيھر وڌائينداسين ـ اڳ ۾ اسڪولن جو وقت صبح جو 8 وڳي ھو، جنهن کي تازو ساڍا اٺ  ڪيو ڪيو هو، اسين انھي کي به اڃا به اڌ ڪلاڪ وڌائينداسين، اڄ حتمي فيصلو  ڪرڻ بعد نوٽيفڪيشن جاري ڪنداسين