عمرڪوٽ: ڊي سي عمرڪوٽ ولي محمد بلوچ وڊيو وائرل ٿيڻ بعد اي سي عمرڪوٽ کان هڪ ڏينهن ۾ جواب طلب ڪري ورتو آهي. هن ليٽر نمبر ڊي سي/يوڪي/اي ايس ٽي:/81/2024 تاريخ 7 جنوري 2024ع تي جاري ڪيو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ميرپورخاص ڊويزن جي ڪمشنر جي ليٽر نمبر روينيو/38-اي/2024 جيڪو 6 جنوري جو آهي تحت توهان تي سوشل ميڊيا تي لڳل الزامن جي جاچ جو حڪم ڏنو ويو آهي توهان اڄ ئي هيٺ ڄاڻايل الزامن جا جواب جمع ڪرايو ته جيئن جاچ ڪري رپورٽ ڪمشنر جي آفيس اماڻي سگهجي. توهان تي الزام آهي ته توهان علي پيٽروليم سروس ڇور روڊ عمرڪوٽ تان ڪلرڪ جئه پرڪاش جي موجودگي ۾ رشوت ورتي. ٻيو ته توهان دستاويز نه هجڻ تي ڇاڇرو روڊ تي واقع احمداڻي پيٽروليم کي سيل ڪيو ۽ بعد ۾ ڪاغذ نه هجڻ باوجود 2 لک رپيا رشوت وٺي اها سيل کولي ڇڏي جڏهن ته توهان ان پيٽروليم سروس تان هر مهيني 50 هزار رپيا رشوت جي مد ۾ مقرر ڪري ڇڏيا آهن. جڏهن ته توهان جوڻيجو پيٽروليم سروسز ڇاڇرو روڊ عمرڪوٽ کان 25 هزا ررپيا رشوت وصول ڪئي. اي سي تي اهو به الزام لڳايو ويو آهي ته هن قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ بنا سرڪاري زمين جي رڪارڊ ۾ ڦير ڦار ڪئي.