اسرائيلي ٽينڪون غزه جي اسپتال جي ويجهو پهچي ويون، بمباري

0
129

اسرائيل جي غزه ۾ اسپتالن جي علائقن ۾ بمباري جاري آهي، اسرائيلي فوج جون ٽينڪون الشفا اسپتال جي ويجهو پهچي ويون

واقعي جي اکين ڏٺن شاهدن موجب اسرائيل پاران الشفا اسپتال ويجهو فضائي بمباري ڪرڻ بعد زميني ڪارروائي لاءِ ٽينڪون به پهچي ويون آهن

 الشفا اسپتال ۾ هزارين زخمي ۽ بي گهر ٿيل فلسطيني موجود آهن

الشفا اسپتال جي ڊائريڪٽر جو چوڻ آهي ته علائقي جي البراق اسڪول تي اسرائيلي بمباري ۾ 50 ڄڻا مارجي ويا آهن، ٻارن سميت 50 ڄڻن جا تباهه ٿيل اسڪول مان لاش ڪڍيا ويا آهن