نيب طلبي خلاف فريال ٽالپر جي درخواست ٻڌڻيءَ لاءِ مقرر

0
113

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ نيب جي طلبي نوٽيس خلاف فريال ٽالپر جي درخواست ٻڌڻيءَ لاءِ مقرر ڪري ڇڏي

فريال ٽالپر جي نيب طلبي خلاف درخواست 2019 کان التوا هيٺ آهي

جسٽس محسن اختر ڪياني ۽ جسٽس سردار اعجاز اسحاق خان تي ٻڌل 2 رڪني بينچ 13 نومبر تي فريال ٽالپر جي درخواست جي ٻڌڻي هلائيندي

فريال ٽالپر درخواست ۾ نيب جي طلبي نوٽيس کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي آهي