پاڪستان جا سيمي فائنل ۾ پهچڻ جا امڪان ختم

0
209

پاڪستان جا ورلڊ ڪپ جي سيمي فائنل ۾ پهچڻ جا سڀ امڪان ختم ٿي ويا آهن

انگلينڊ ۽ پاڪستان وچ ۾ ميچ جاري آهي، انگلينڊ 140 رنز کان وڌيڪ اسڪور ڪري ورتو آهن

جيڪڏهن پاڪستان پهريان بيٽنگ ڪري ها ۽ 300 کان وڌيڪ اسڪور ڪري ها ۽ جواب ۾ انگلينڊ کي 3 اوورن ۾  آئوٽ ڪري ها ته پوءِ سيمي فائنل ۾ پهچڻ جا امڪان هئا

اُن کان اڳ ورلڊ ڪپ جي 44 هين ميچ ۾ انگلينڊ پاڪستان خلاف ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو

ٻنهي ٽيمن وچ ۾ اِها ميچ ايڊن گارڊنز ڪولڪته ۾ کيڏي پئي وڃي

ٽاس جي موقعي تي ڳالهائيندي پاڪستاني ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم چيو ته ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو ارادو هو، ٽيم ۾ هڪ تبديلي ڪئي آهي، حسن علي جي جاءِ تي شاداب خان کي شامل ڪيو آهي

ٻئي پاسي انگلش ڪپتان جوز بٽلر چيو ته وڪيٽ بيٽنگ لاءِ سٺي آهي، گهڻو اسڪور ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين

ورلڊ ڪپ جي پهرين مرحلي ۾ ٻنهي ٽيمن جي اِها آخري ميچ آهي، پاڪستان ۽ انگلينڊ هيل تائين 8-8 ميچز کيڏي چڪيون آهن، پاڪستان 4 ۽ انگلينڊ 2 ميچز کٽيون آهن