اسان ننڊ ۾ کونگھرا ڇو ٿا هڻون ؟ … سنڌيڪار ،، ع لي ،،

0
23
اسان ننڊ ۾ کونگھرا ڇو ٿا هڻون ؟ ... سنڌيڪار ،، ع لي ،،

ڪجھه ماڻھن جي ننڊ ۾ کونگھرا (خراٽن) ھڻڻ جي عادت ھوندي آھي اھي پاڻ ته سڪون سان ستا پيا ھوندا آھن پر ڀرسان سمھڻ واري جي ننڊ ڦٽائي ڇڏيندا آھن

اسان کونگھرا ڇو ٿا ھڻون ؟

جڏھن اسان ننڊ دوران ساھه کڻندا آھيون ۽ ٻاھر ڪڍندا آھيون ته اسان پنھنجي ڪنڌ جي نرم بافتن ( ٽشوز) ۾ لزرش جي ڪري کونگھرا ھڻندا آھيون، جڏھن ننڊ ۾ ھوندا آھيون ته ساھه کڻڻ وقت ھوا جو اندر اچڻ ۽ ٻاھر ڪڍڻ مھل زور لڳائيندا آھيون ۽ اھو زور ٽشوز ۾ لرزش پيدا ڪندا آھن ۽ اھا لرزش آواز مطلب کونگھرا ھڻائيندي آھي

ھي نرم ٽشوز اسان جي نڪ جي رستي ٽانسلز ۽ وات جي مٿي حصي ۾ ھوندا آھن، ان کانسواءِ ٿولھه نڪ، وات ۽ نڙي جو ساخت ۾ مسئلو ۽ ننڊ ۾ گھٽتائي جي ڪري به کونگھرن لڳندا آھن

کونگھرن کي روڪڻ جي لاءِ ڪجھه اپاءَ

سمھڻ وقت ساڄي يا کاٻي پاسي منھن ڪري سمھڻ گھرجي سڌو سمھڻ جي ڪري ڪڏھن ڪڏھن زبان نڙي ڏانھن مڙي ويندي آھي جنھن جي ڪري ساھه کڻڻ ۾ رڪاوٽ پيدا ٿيندي آھي ۽ کونگھرا لڳڻ شروع ٿي ويندا آھن، ان ڪري پاسو ورائي سمھڻ سان کونگھرن کي شڪايت گھٽ ايندي

ننڊ پوري ڪرڻ گھرجي

ننڊ جي گھٽتائي جي ڪري پڻ اھو مسئلو ٿيندو آھي ڇو جو ننڊ جي گھٽتائي جي ڪري نڙي جو مسلز پرسڪون ھوندو آھن ۽ ھوا کي متاثر ڪندا آھن بالغ ماڻھون کي گھٽ ۾ گھٽ 7 کان 9 ڪلاڪ ننڊ ڪرڻ گھرجي

ھنڌ کان ڪنڌ مٿي ڪرڻ گھرجي

ھنڌ کان ڪنڌ رکڻ کان ڪجھه انچ مٿي ھجڻ گھرجي جيئن ھوا جو اچڻ وڃڻ کلي وڃي جيڪڏھن کونگھرن جو مسئلو آھي ته 2 وھاڻا استعمال ڪجن

نشو يا سگريٽ پيئڻ کان پاسو ڪجي

سگريٽ يا نشو اھڙيون عادتون آھن جيڪي کونگھرن واري عادت کي وڌيڪ بدتر بڻائي ڇڏينديون آھن

جسماني وزن ڪنٽرول ڪرڻ گھرجي

جيڪڏھن توھان جو وزن وڌيڪ آھي ان سان نڙي جي ٽشن جو حجم وڌي ويندو آھي جنھن ڪري کونگھرن جو مسئلو وڌندو آھي

پاڻي جو مناسب استعمال

جسم ۾ پاڻي جي کوٽ جي ڪري کونگھرا ھڻڻ واري عادت پڻ وڌي ويندي آھي ان ڪري ڪوشش ڪجي پاڻي کي گھڻو استعمال ڪجي

ڦودني جو تيل

جيڪڏھن کونگھرن جي عادت معمولي آھي ته ڦودني جو تيل نڪ جي ھيٺان ھڻي پوءِ آرام ڪجي ته کونگھرن جي شڪايت ڪونه ايندي … (فيس بوڪ تان ورتل)