حيدرآباد جو قيدي!

رات جو دير تائين ڊاڪٽر ارشد سان ڪچهري ٿيندي رهي، طبيعت خراب هئي ۽ ننڊ به ڊسٽرب هئي، تنهن لاءِ سي پي ايم گوري کائي ٿو سمهان. سي پي ايم گوريءَ جي ڪري سڄي رات سڪون سان ننڊ ڪيان ٿو. نيرن ڪري ڪورٽ ٿو هليو وڃان، بي امان ۽ ماما شير خان مون کان پهرئين ڪورٽ اچن ٿا. ماما شير محمد تمام گھڻو ڪنفيوز نظر اچي ٿو، هُن جو چوڻ هو ته جي هُن ڪورٽ ۾ گواهي ڦيرائي ته پوءِ هُن کي ڪورٽ جيل ۾ واڙي ڇڏيندي، مون ماما کي گھڻو ئي سمجھايو پر هن بيان ڏنو ته “آصف منهنجو ڀاڻيجو ۽ ٻچو آهي، مون هن کي دل جي گھراين سان معاف ڪيو آهي، جيڪو هن خون ڪيو هو! هن جا والدين وفات ڪري ويا آهن، هاڻ اسان ئي هن جا والدين آهيون، سرڪاري وڪيل ماما شير کان سوال ڪيو ته ڇا آصف کي فائر ڪندي توهان پنهنجي اکين سان ڏٺو هو؟ ماما ڪٽهڙي مان مون کي ڏسندي چيو ته بلڪل… پر اُن وقت هي نه سمجھيو هو، ماما جا اهي اکر ٻڌي تمام گھڻي تڪليف ٿي رهي هئي ڇو جو هن مون کي ڪڏهن به فائر ڪندي ڪونه ڏٺو هو. ننڍو اسد (منهنجو ڀاءُ) جيڪو منهنجي ڀرسان ويٺل هو سو مون کي چوڻ لڳو ته ماما ڪو به بيان ڪونه ڦيرايو، جيتوڻيڪ هُن پاڻ سڀن ڀائرن کان حلف نامي تي دستخط وٺندي مهل اهو ئي چيو هو ته هو شاهدي ڦيرائيندو. مون هڪ ننڍي مُرڪ چهري تي سجائيندي چيو ته الله مالڪ آهي. ماما کان پوءِ بي امان (ماسي) جا بيان ٿا ٿين. هوءَ منهنجي حق ۾ تمام گھڻو ٿي ڳالهائي پر مون کي قاتل به چيو ٿي ڇڏي… پر ان جي اکين ۾ مون لاءِ ممتا جا موتي آئون صاف ٿو ڏسان. منهنجي اها ماسي سچ لکان ته تمام گھڻي بهادر آهي، ان سموري زندگيءَ ۾ مون سان جنگ ڏني آهي پر هُن جو ٻن ڏينهن جو پيار منهنجو سمورو ٿڪ ۽ منهنجا سمورا سور منهنجي بُت مان لاهي ويو. هو جج کي منٿ ٿي ڪري ته منهنجي ٻچي کي آزاد ڪريو ته آئون هن کي ساڻ وٺي وڃان. جج صاحب هن کي چوي ٿو ته توهان تي ڪو دٻاءُ ته ناهي؟ هوءَ چوي ٿي ته اهڙي ڪا ڳالهه ناهي، جج وري ٻيو سوال ڪري ٿو ته ڇا آزاديءَ کان پوءِ توهان کي آصف ڇلگريءَ مان خطرو ته ناهي؟ بي امان چئي ٿي ته اولاد مان ڇا والدين کي خطرو هوندو آهي.؟ بي امان ڪٽهڙي مان مون کي نيهاري هلڪو مرڪي ٿي، هُن جو چهرو بلڪل امڙ جيان محسوس ٿي رهيو هو ۽ فيض جا اهي اکر ياد ٿا اچن:

سبھی کچھ ہے تیرا دیا ہوا، سبھی راتیں، سبھی تکلیفیں،

کبھی محبتین، کبھی فرقتیں، کبھی دوریاں، کبھی قربتیں۔

بي امان کان پوءِ جج صاحب مون کي ٿا گھرائين ڪٽهڙي ۾، هن مون کي چيو ته ڇا رضا خان جو قتل توهان ڪيو آهي؟ مُرڪي چيومانس ته I am Innocent جج صاحب ڪجھه ٻيا به سوال ڪيا جن جو جواب محترم امتياز علي عباسي صاحب ڏنا، جج ڪجھه لکڻ کان پوءِ ڪيس بند ڪري سائيڊ تي ڪيو ۽ ڪجھه سوچي 13 جنوريءَ تي فيصلي جو اعلان جي تاريخ ڏئي ٿو ڇڏي. جڏهن ڪجھه ڏينهن جي تاريخ ملي ته بي امان ۽ اسد صفا پريشان ٿي ويا پر ماما شير خان چوڻ لڳو ته ان ۾ به الله جي طرفان ڪا ڀلائي آهي، مون جج جي ٽيبل تي پنهنجي جيل جو رڪارڊ به پيل ڏٺو. ڪورٽ ۾ پيل ڪرسين تي ڪجھه دير اچي ويٺاسين ته بي امان جي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا، جنهن کي ڀاڪر پائي هڪ مٺي ڏنم ته هُن چيو ته پريشان ناهي ٿيڻون راڻا، چوانس ٿو ته اڃان غلام ڏينهن منهنجي نصيب ۾ لکيل آهن. جيل اچي ڪجھه وقت شبير ٻرڙي ۽ ماسٽر دانش صاحب سان گڏ لائبريري ۾ گھاريان ٿو، بدر ڀائي کي چئي اڄ پنهنجي ڀائرن جھڙي دوست علي شير کوسي صاحب کي پنهنجي کوليءَ ۾ وٺي آيس. حبدرا مستوئي کي ڀرواري کوليءَ ۾ بدلي ٿو ڪرائي ڇڏيان، رات جو دير تائين علي شير کوسو جھونگاري پوري وارڊ کي وڄائيندو ٿو رهي. “سپرين اُگھاڙي پيرين پڳاسين سڄڻ منهنجا سلام جي پهتا.” پراڻيون يادون تازيون ٿا ڪري وجھن. (26 جنوري 2024)

آصف غلام رسول ڇلگري/سينٽرل جيل حيدرآباد

زندان جي جھروڪن مان !

“ڪي اين شاهه جي دوست ڏانهن خط!”

هلو هلو ڪاڪ تڙين، جتي نيهن اڇل،

نه ڪا جھل نه پل، سڀڪا پسي پرين کي!

پيارا ڀاءُ عبدالعزيز گاڏهي صاحب! اميد ته خوش هوندئو، سڀ کان پريهن آزادي يعني ڪيس مان بري ٿيڻ جون مبارڪون، محبوب صاحب کان تنهنجو پڇندو هئس، ڪجھه ڏنهن اڳ اُن اها خوشخبري ٻڌائي ته اوهان ڪيس مان بري ٿيا آهيو، يقين ڪر تمام گھڻي خوشي ٿي، مون سڀ کان پهرين اها خبر بابو خاصخيلي کي اچي ٻڌائي، بابو به ڏاڍو خوش ٿيو، اُن چيو ته عزيز پاڻ وٽ ملاقات لاءِ مشڪل اچي، مون چيو يار رٺائي رهن پر هجن حياتي، اچي نه اچي پر خوش هجي، بابو توکي ڏاڍو ياد ڪندو آهي. مون کي چيائين ته عزيز کي جڏهن به خط لکين ته منهنجي پاران کيس مبارڪون ۽ ڏاڍا سلام ڏجان، ان کان سواءِ استاد چيتن، بجار چانگ، سومار ڏنگڻو، الطاف ڊيشڪ، سلمان آرائين، ڀائو غلام حيدر مري ۽ اوهان جي شاگردن ۾ رفيق جمالي، حماد برحماڻي ۽ ٻين دوستن جا به گھڻا سلام قبول ڪيو ۽ ٻيو ته پاڻ وارو پراڻو دوست حيدر کوسو به جيل آيل آهي، هو ستن ڪيسن ۾ چالان ٿي آيو آهي. باقي ٻه ڪيس وڃي رهيا اٿس، ٻنهي ۾ ضامن ٿي ويو اٿس پر جيل کان ٻاهر ڪو نه ٿو وڃي. چئي ٿو ته ڪيس ختم ڪرائي پوءِ نڪرندس، اهو به گھڻا سلام پيو ڏيئي، پيارا عزيز ڀائو نظير گاڏهي کي به آزاد ٿيڻ جي مبارڪ ڏجانءِ، اُن سان گڏ منهنجا سلام به ڏجانس. يار مالڪ سائين توکي بري ڪرايو آهي، منهنجي لاءِ به دعا ڪر ته الله سائين جلد آزادي نصيب ڪري، ٻيو سڀ خير آهي، بس دعائن ۾ ياد ڪجان! ٻي ڳالهه اوهان کي ٻڌائڻ وسري وئي ته اوهان جو يار آصف ڇلگري ڪجھه ڏينهن پهرين آزاد ٿي ويو آهي. تنهنجو خير انديش.

سردار محمد ايوب بروهي/سينٽرل جيل حيدرآباد

2060ع کان پوءِ دنيا ڪيئن ھوندي!

(حصو پهريون)

اڄ کان اڍائي سئو سال اڳ واري زماني يعني سنه 1800 عيسوي ۾ دنيا ڪيئن هئي؟ نه ٽيليفون، نه ٽي وي، نه ڪا گاڏي نه ڪار، نه ريل، نه ايئرڪنڊيشنر، نه فرج، نه بئنڪ، نه اي ٽي ايم مشين، نه واشنگ مشين، نه اسڪول ڪاليج ۽ يونيورسٽيون، نه ڊاڪٽر ايلوپيٿڪ نه دوائون، نه ايڪسري مشين، نه الٽراسائونڊ، نه انٽرنيٽ ۽ نه ئي اڄوڪي زماني واري ڪنهن هڪ به سهولت جو وجود هو، حيرت جي حد ته اها آهي ته بجلي به نه هئي، مائيڪل فيراڊي جيڪو هڪ لوهار جو پٽ ھو کيس جس ھجي جنهن اليڪٽرڪ انڊڪشن تي تجربا ڪري ڪري نيٺ 1831ع ۾ بجلي ايجاد ڪئي ۽ پنجاهه سالن کان پوءِ1881ع ۾ ايڊيسن بلب ايجاد ڪري دنيا کي روشن ڪيو. مائيڪل فيراڊي هڪ لوهار جو پٽ هو ۽ پاڻ جلد ساز هئو، ڏينهن جو ڪتابن جي جُلد بندي ڪندو هو ۽ رات جو انهن ڪتابن جو مطالعو ڪندو هو، اندازو ڪيو جي بجلي جي دريافت نه ٿئي ها ته گذريل ٻن سئو سالن ۾ ٿيل بي شمار ايجادون نه ٿي سگهن ها جيڪي بجليءَ جي ڪري ئي ممڪن ٿي سگھيون ٿورو اڳتي وڌون ٿا، اڄ کان سئو، سوا سئو سال اڳ واري دنيا ڪيئن هئي؟ يعني سنه 1900 عيسوي ۾ انسان جي زندگي ڪيتري سولي هئي. مٿي ڄاڻايل ايجادن مان ڪيتريون وجود ۾اچي چڪيون هيون، اڃان ٿورو ويجهو اچون، 90 جي ڏهاڪي ۾ يعني 30 سال اڳ، سراسري عمر 50 سال جي سڀني ماڻهن ياد هوندو. ٿورو فليش بيڪ ۾ وڃون ته ڪاڏي ويو ريڊيو؟ ڪاٿي آهي اينٽينا واري ٽي وي، ٽيپ رڪارڊر، ٽيپ جي ڪيسيٽ، وي سي آر، سي ڊي پليئر، واڪ مين، فلاپي ڊسڪ، رول واري ڪئميرا، پبلڪ ڪال آفيس ۽ ان دور جون اُهي سموريون شيون هاڻي خوبصورت يادگيرريون بڻجي ويون آهن. ان دور ۾ واحد ٽي وي چينل پي ٽي وي جنهن جون خبرون ٻڌي، ساڍي نائين وڳي پاڪ سرزمين شاد باد جو ترانو ٻڌي ڏهين بجي سمهي پئبو هو، ٽيهن سالن ۾ 90 جي ڏهاڪي واري شيون اڄ ماضيءَ جو قصو آهن، تمام ٿوري وقت ۾ تمام گھڻي تبديلي اچي وڃي آهي ته ان کي “فيوچر شاڪ” اڻ ڏٺو جهٽڪو چون ٿا. اها تبديلي ايتري تيزيءَ ۽ شدت سان آئي جو سماج کي جھٽڪو (Shock) لڳو، اڄ اسان جي هن ئي سماج ۾ ئي ڪجھ اهڙا فرد به زنده آهن، جن کوهن مان پاڻي ڀريو ۽ ڏاند گاڏين تي سفر ڪيو، 80، 90 يا ان کان مٿي عمر جي ماڻهن پنهنجي ٻالڪپڻ ۽ جواني جي دور ۾ ڇا ڏٺو هو؟ هاڻي هن ايڪويهين صديءَ ۾ هي هيڏي ساري تبديل انهن جهونن جي لاءِ ڪنهن جهٽڪي کان  گھٽ ناهي، انهن ماڻهن ڏاند گاڏيءَ ۾ ٽيھ ڪلوميٽرن جو سفر ستن ڪلاڪن ۾ ڪيو هو، انهن ڪڏهن ڪو تصور به ڪيو هوندو ته سندن حياتيءَ ۾ ئي بنا ڊرائيور جي آٽوميٽڪ اليڪٽرڪ ڪار روڊ تي هلندي ۽ هر ماڻهوءَ جي کيسي ۾ موبائل نالي هڪ گيجٽ (ڪل) هوندي جنهن سان دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ ڪنهن به ماڻهوءَ سان آڊيو وڊيو ذريعي رابطو ڪري سگھبو. (جاري)

ڊاڪٽر راجو ٺاڪور/ ملڪاڻي شريف

چوپائي مال ۾ پکڙيل بيماريءَ تي ضابطو آڻيو!

راڻيپور ڀرسان يوسي جهنڊو مشائخ جي مختلف ڳوٺن ۾ چوپائي مال ۾ بيماري بکڙجي وئي آهي، ڀاڳين جا وٿاڻ خالي ٿي ويا آهن، واسطيدار ادارا اگھور ننڊ ستل آهن، مالوند پريشانين ۾ وٺجي ويا آهن ويا جانور جي سرڪاري اسپتال کي تالا لڳل آهن، علائقي ۾ بيماري تيزيءَ سان ڦھلجڻ لڳي آهي، مالوندن جا لکين رپين جا ڍور مري ويا آهن، يوسي جھنڊو مشائخ جي مختلف ڳوٺن ۾ چوپائي مال ۾ خطرناڪ بيماري وبائي صورت اختيار ڪري وئي، ڳوٺ گل محمد ڄامڙو سميت ٻين ڳوٺن ۾ چوپايو مال وبائي بيماري ۾ سخت متاثر ٿيڻ لڳو آهي، ڳوٺ گل محمد ڄامڙو جي مالوند منصور بڙدي جون ٻه ڀلوڙ نسل جون ٻڪريون مري ويون، اڪبر ڄامڙو جون 3 کان وڌيڪ ٻڪريون مري ويو، نياز علي ڄامڙو جي ڀلوڙ نسل جي ھڪ ڳئون مري وئي، صغير ڄامڙو جو ھڪ ٻڪر مري ويو، ناھيد جو ھڪ ڇيلو مري ويو، ان ڏس ۾ مالوندن ٻڌايو ته چوپائي مال کي جسم ۾ سخت سور پيدا ٿئي ٿو، جنھن جي ڪري ھو کائڻ پيئڻ ڇڏي ڏينٿا ۽ ھڪ جانور کان اها بيماري ٻئي جانور کي وچڙي وڃي ٿي، ھن خطرناڪ بيماري ۾ ڳوٺ اندر ڪيترن ئي مالوند جا ڍور مري ويا آھن ۽ سندس ڪيترائي جانور متاثر ٿيا آھن، حد جي اسپتال جيڪا چاڪراڻين جي ڳوٺ ۾ قائم آھي، ان جو مقرر ڊاڪٽر گم آھي، جنھن جي ڪري جانورن جي اسپتال کي تالا لڳل آهن، جڏھن ته اتان جو ڊاڪٽر پنھنجي خانگي اسپتال ھلائڻ لڳو آھي، سرڪاري دوائون وڪرو ڪري رھيو آھي، سرڪاري اسپتال مالوندن لاءِ لاڀ بڻيل آھي. اسان علائقي واسي پنھنجي اخبار جي ھن لکڻي ذريعي لائيو اسٽاڪ کاتي جي منسٽر ۽ ڊي سي خيرپور کان مطالبو ڪيو آھي ته يوسي جھنڊو مشائخ جي مختلف ڳوٺن ۾ ڦھلجندڙ بيماري جي بچاءَ جا احتياطي ٽُڪا ھڻائي ڏنا وڃن، چوپائي مال ۾ ڦھلجندڙ بيماريءَ تي ڪنٽرول ڪيو وڃي ۽ نااھل ڊاڪٽر خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.

وحيد علي ڄامڙو/راڻيپور

پُوليس آخر ڇا

ٿي پئي ڪري؟

سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ بدامني جي باھ ٻري رهي آھي، روز مختلف هنڌن تي ڪيترائي ڏوهه رپورٽ ٿين ٿا، ڪٿي قتل ته ڪٿي ڌاڙو ۽ ڪٿي چوريون پوليس آخر ڇا پئي ڪري؟ اچون ٿا اُصل ڳالھ تي جيڪي به ڏوهاري آھن ڪھڙي به ڏوهه ۾ ملوث آھن انھن جو واسطو ھميشه ھڪ وڏي ۾ سگھاري ماڻھوءَ سان ضرور ھُوندو آھي، پوءِ اُھي ان ڪري وڏن سان تلعق رکندا آھن، هو پوليس کان محفوظ رهڻ ڪاڻ ڪڏھن به ڪٿي پڪڙجي پوندا آھن ته هڪ فون ڪال جي ذريعي ٿاڻي کان بنگلي تائين پهچي ويندا آھن، وڏا ماڻھو اھڙن لوفرن کي هميشه پنھنجي مفاد لاءِ استمعال ڪندا آھن. ظاھري ڳالھ آهي ته دنيا مفاد پرست آھي، ٻئي پنھنجا مفاد لڙندا آھن، ڌاڙيلن کي پوليس کان بچائڻ ضروري آھي، پوءِ بچاءُ اُھي ڀوتار ڪندا آھن، ھاڻي آفيسر ڇا ٿا ڪري سگهن؟ هڪ ته آفيسر سفارش تي پوسٽنگ وٺندا آهن ۽ ٻيون تعبيدار رھن، جيڪڏھن ھڪ ڏوهاري کي پوليس گرفتار ڪندي آھي ته ڪنھن ڀوتار جي فون اچي ويندي آھي ته انهن کي ڇڏي ڏيو، جيڪڏھن انهن کي ڇڏيو ٿو وڃي ته انهن کي اڃا وڌيڪ طاقت ملندي آھي، هڪ جاءِ تي ٻه ڏوهه ڪندا آھن، جيڪڏھن نه ڇڏيو وڃي ته صاحب جي ٽرانسفر جي خبر ملي ويندي آھي. ھاڻي پوليس کي يا ته ڌاڙيل کي ڇڏڻو پوندو آھي يا وري ان پوليس اهلڪار جي لاءِ وڏا مسئلا پيدا ٿي وڃن ٿا. مجبورن پوليس اهلڪار پنهنجي بدلين جي ڊپ جي ڪري ڌاڙيل کي آزاد ڪري ڇڏي ٿو، اُصل ڳالھ اها آھي ته ڪروڙ رپيا ڀلي پوليس تي خرچ ٿين، ڪُجھ فرق ناھي پوندو اڃا بجيٽ ڏيڻ سان ڏوهه هٿن سان ڪرايو ويندو، توهان پوليس کي ميرن، پيرن ۽ وزيرن کان آزاد ڪريو ۽ ڀوتار ۾ هٿ وجھو ته پاڻ ڏوهاري ۽ ڌاڙيل ڪلچر ختم ٿي ويندو !

محمد صديق کوسو/ ڳڙھي حسن

وفاق طرفان ڪچي ۾ آپريشن جو فيصلو!

وفاقي گھرو وزير سيد محسن نقويءَ چيو آهي ته پوليس سميت سمورن سيڪيورٽي ادارن کي جديد ٽيڪنالوجي سان ليس ڪرڻو پوندو، ڪچي جي علائقن ۾ آپريشن ڪيو ويندو، جنهن نيڪٽا هيڊ ڪواٽرز ۾ نيشنل ايڪشن پلان تي عمل درآمد جو جائزو وٺندي ڪميٽي جي اهم اجلاس کي خطاب ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي گھرو سيڪريٽري، سربراهه نيڪٽا، ڊي جي آيف آءِ اي، پنجاب، سنڌ، ڪي پي ڪي، بلوچستان، آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ اسلام آباد جي آءِ جيز، انٽيليجنس ادارن جي سموري ٽيم ۽ چيف ڪمشنرز به اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ بدامنيءَ سبب ڪچي جي علائقن ۾ آپريشن ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ پاڪستان ۾ پوليس کي جديد ٽيڪنالوجي ڏيڻ بابت بريفنگ ڏني وئي ته ملڪ جي پوليس کي نئين ٽيڪنالوجي فراهم ڪرڻ لاءِ مشاورت ڪئي وئي، گھرو وزير سيد محسن نقوي چيو ته سيڪيورٽي انتطامن بابت وفاق ۽ صوبن کي هر ممڪن سهڪار فراهم ڪبي، ڪچي ۾ بدامني جو راڄ آهي، ڌاڙيل ڪلچر جي خاتمي لاءِ پوليس تحرڪ ۾ رهندي، عوام جي جان و مال جي حفاظت يقيني بڻائڻ پوليس جو ڪم آهي، بدامني جو مقابلو ڪرڻ لاءِ اسين پوليس کاتي جو مورال وڌائڻ چاهيون ٿا، جي ڳالهه ڪجي سيد محسن نقوي جي جيڪو وفاقي گھرو وزير انسداد منشيات چيئرمين پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ به آهي، جيڪو 1978ع ۾ لاهور ۾ پيدا ٿيو ۽ اعليٰ تعليم آمريڪا مان حاصل ڪئي، نگران دور ۾ وزيراعليٰ پنجاب رهيو، پاڻ صحافي، ٽي وي چينل ۽ اخبار جو مالڪ آهي، جنهن پنهنجي سياسي ڪيئرير جو سفر تمام گهٽ عرصي ۾ تيزيءَ سان طئي ڪيو ۽ ان ۾ ڪامياب رهيو، جيڪا ڳالهه ان جي ڪم همت ۽ بلند حوصلي جي عڪاسي ڪري ٿي، جنهن لاءِ ايئن چئجي ته سرڪاري معاملن جي انجام ڏيڻ سان گڏ عوامي مسئلن جي حل لاءِ انتهائي متحرڪ ڪردار ادا ڪندي نظر اچي رهيو آهي، جيڪو هن وقت اڃا وڌيڪ همت ۽ محنت سان ڪاميابيون پنهنجي حصي ۾ حاصل ڪندو رهندو، جيڪا ڳالهه ان لاءِ قابليت ۽ صلاحيت هجڻ جي شاهدي ڏي ٿي، جنهن صحافت ۾ نه رڳو ڊگري مڪمل ڪئي پر تعليم دوران دنيا جي سڀ کان وڏي ۽ مقبول ميڊيا هائوس سي اين اين ۾ انٽرن شپ ڪئي، انٽرن شپ دوران سي اين اين انتظاميا سندس ٽيلينٽ کي ڏسندي جاب آفر ڪئي ۽ هو وڏي اداري جي پليٽ فارم کان عملي زندگي ۾ شامل ٿيو، جيڪو سينئر پروڊيوسر سائوٿ ايشيا ۽ بعد ۾ ريجنل هيڊ بڻيو، بهرحال هن وقت جيڪو گھرو وزير جي حيثيت سان پاڪستان لاءِ پنهنجون خدمتون انجام ڌئي رهيو آهي، جيڪو دهشتگرديءَ جي خاتمي، امن جي بحالي ۽ بدامني جي خاتمي لاءِ ڪوشان آهي، جنهن سمورن ادارن جي مدد سان بدامنيءَ جي خاتمي ۽ ڪچي ۾ آپريشن لاءِ فيصلو ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته وفاق ڀرپور نموني صوبن سان سهڪار ڪندو.

محمد اسلم ماڪو/ پنوعاقل

بي لغام گهوڙي سوار ۽ سنڌ جون سياسي حالتون!

(حصو ٽيون)

اڄ ڪلھ سنڌ جي اقتداري ۽ سياسي ماحول ۾ اوهان کي گهرائيءَ سان غور فڪر ڪرڻ سان محسوس ٿيندو جيئن مٿي بي لغام گهوڙي سوار کي بيان ڪيو آھي. سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ کي اوهان ڏسو سندس پويان سياست جي هڪ ڊگهي 50 سالن جي تاريخ ۽ ان سياسي تاريخ جي جدوجهد آھي. پيپلز پارٽيءَ جي سياسي جدوجهد سان تاريخ جو ڪو اختلاف ڪونهي پر جي ڪو سياست ۽ تاريخ جو شاگرد اختلاف ڪري ٿو ته اهو ان جو پڻ حق آھي، جنهن جو هو حق رکي ٿو. سياست جي پراڻي شاگرد آڏو جڏهن بي لغام گهوڙي سوار جو سوال رکي سنڌ جون اڄوڪين حالتن جو ڇيد پڇيم ته بنا ڪنهن تفصيل ۾ وڃڻ جي چيائين سنڌ ۾ لاڳيتو اقتدار ملڻ ڄڻ ته پيپلز پارٽي قيادت لاءِ هڪ اهڙو امتحاني ميدان سامهون آندو آھي جو جي اقتدار ۾ آھن به ته ڪنهن امتحاني حال نما صورتحال مان گذرن پيا ۽ جي اقتدار مان ٻاهر نڪرن ٿا ته به ڪنهن امتحان کان سياسي ميدان ۾ گهٽ ڪونه هوندو! هن ٿڌو ساھ ڀريندي چيو ته پيپلز پارٽي پنهنجي فطري سياست کان هٽي لاڳيتو اقتداري سياست جو رخ رکيو آھي، اهو سندس سياسي ساک ۽ عوامي اعتماد کان ويندي اقتداري رمز ۾ ڪنهن بي لغام گهوڙي سوار جيان نذر اچي رهيو آھي. هن وقت سنڌ جي ادارن جي ساک ۽ رشوت ستانيءَ واري ماحول ۾ پيپلز پارٽي هر سوال جي جواب ڏيڻ جي ذميوار پڻ آھي. اها پيپلز پارٽي جيڪا لاڳيتو اسٽيبلشمنٽ مخالف بياني کي پنهنجي سياست جو بنياد سمجهندي هئي سا ڄڻ ته هن وقت ملڪي سياست مان سڪڙجي سنڌ سطح تي اچي بيهڻ کان پوءِ جنهن اقتداري رمز جو حصو بڻي آھي اها موجوده حالتن پٽاندڙ ته ٿي سگهي ٿي. هنن حالتن ۾ لاڳيتو اقتدار جو پنهنجي حق ۾ ڪرڻ باوجود عوامي ساک، عوامي ريليف، ادارتي بهتري، اقتداري موٽ ڪا بهتر ناهي رکي سگهي، جنهن جي ڪري چئي سگهجي ٿو ته هنن حالتن ۾ سنڌ حڪومت جون واڳون سنڀاليندڙ پيپلز پارٽيءَ جي صورتحال پراڻي دور جي بي لغام گهوڙي سوار مثل آھي يا موجوده دور حاضر جي بائيڪ ريسلرز جيان آهي جڏهن هنن جو انت اچي ٿو. ان جا ذميوار پڻ هو پاڻ آھن، بي لغام گهوڙي سوار ۽ بائيڪ ريسلرز جي ڪرتبي موت جيان جنهن جي ڪٿي رجسٽريشن ناهي ٿي سگهندي.

رحمت الله ٻرڙو/ڪراچي

واهي پانڌي اسپتال کي بنيادي سهولتون ڏيو!

ڪاڇي جي شهر واهي پانڌي جي رورل هيلٿ سينٽر مان لکين رپين جو سامان چوري ٿي ويو، صحت کاتي ۽ حد جي پوليس لکين رپين جي چوري جو هن وقت تائين نوٽيس ناهي ورتو، اڻڄاتل چور صحت کاتي ۽ حد جي پوليس جي نااهلي جو فائدو وٺندي ڪجھ سال  اڳ نئين تعمير ٿيل رورل هيلٿ سينٽر جي سمورن واش رومن ۾ لڳل لکين رپين جي ماليت جو پلمبريءَ جو سامان ڪڍي چورائي کڻي ويا هئا. سهولت ڏيڻ بجاءِ هتي ته ڊاڪٽرن جي به سخت کوٽ آهي، واهي پانڌي بلوچستان جي علائقي لڳ واقع آهي، واهي پانڌي اسپتال ۾ سهولت مهيا ڪرڻ سميت چورين جو به نوٽيس ورتو وڃي.

سمير احمد بروهي واهي پانڌي ڪاڇو