اسلام آباد (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ مريم نواز جي ترجمان محمد زبير چيو آهي ته اسان جي ڪا ويڙهه نه هئي، راولپنڊي سان ٺاهه ٿي ويو آهي، سيز فائر يا ٺاهه جي باري ۾ خبر ناهي پر اسان جا لاڳاپا سٺا آهن، جڏهن مطمئن ٿياسين ته باقائده ٻڌائي به ڇڏيندس، نجي ٽي وي چينل اي آر واءِ جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته منهنجون ملاقاتون ٿيون هيون ته ڪڏهن ڊيل يا ڪو به رليف نه گهريو هو، ڪنهن کي حب الوطني جي سرٽيفڪيٽ جي ضرورت ناهي، هڪ سوال تي اڳوڻي گورنر سنڌ محمد زبير چيو ته عمران خان جذباتي آهي اسيمبلي جو معاملو آيو ته اسيمبلي ٽوڙي سگهي ٿو.