لاهور (بيورو رپورٽ) نيب شهباز شريف جي ضمانت بابت لاهور هاءِ ڪورٽ جو حڪمنامو سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج رڻ جو فيصلو ڪري ورتو، نيب جِي پراسيڪيوشن ٽيم هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف تياري ڪري ورتي، جلد سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪرائي ويندي، لاهور هاءِ ڪورٽ شهباز شريف جي ضمانت منظور ڪندي کيس علاج لاءِ پرڏيهه وڃڻ جِي اجازت ڏني هئي، هوڏانهن نيب پاران اپوزيشن ليڊر شهباز شريف جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي، نيب لاهور اسلام آباد هيڊ ڪوارٽرز کي اهڙو خط لکي ڇڏيو، ان سلسلي ۾ وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته شهباز شريف جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ جي درخواست گهرو وزارت کي ملي وئي آهي، سڀاڻي (اڄ) اجلاس ۾ فيصلو ٿيندو جنهن بعد مامرو ڪابينا ۾ ويندو.