اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) ملڪ ۾ پاڻي کوٽ سنگين ٿي وئي، ارسا پاران پاڻي کوٽ جو لڳايل ڪاٿو غلط ثابت ٿيڻ جو اعتراف، ارسا پاڻي کوٽ 23 سيڪڙو کان وڌائي 32 سيڪڙو ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، ارسا پاڻي کوٽ ۾ اضافو ٿيڻ کانپوءِ پاڻي جي وڌيڪ ورڇ به سنڌ جي اعتراضن ۽ پاڻي ٺاهه کي ٿڏيندي ٽه رخي فارمولي تحت ڪري ڇڏي، ارسا ٽه رخي فارمولي تحت سنڌ کي ايندڙ حڪم تائين هڪ لک 20 هزار ڪيوسڪ جي انڊينٽ جي مقابلي ۾ رڳو 74 هزار ڪيوسڪس فراهم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، ان ڏس ۾ ملڪ اندر پاڻي کوٽ سنگين ٿيڻ کانپوءِ پاڻي صورتحال جي جائزي لاءِ انڊس رور سسٽم اٿارٽي (ارسا) جو هنگامي اجلاس پنجاب سان تعلق رکندڙ ارسا چيئرمين رائو ارشاد جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن ۾ سنڌ جي ميمبر زاهد حسين جوڻيجي سوڌو بلوچستان، ڪي پي ڪي ۽ وفاق جي ارسا ميمبر به شرڪت ڪئي، اجلاس کانپوءِ جاري ڪيل بيان ۾ ارسا ترجمان خالد رانا اعتراف ڪندي چيو ته ارسا پاران اڳ ۾ خريف ۾ پاڻي کوٽ جو مجموعي طور تي ڪاٿو 23 سيڪڙو لڳايو ويو هو پر ڪالهه پاڻي صورتحال جي جائزي وٺڻ بعد پاڻي کوٽ وڌي 32 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي، ارسا ملڪ اندر پاڻي جي کوٽ 23 سيڪڙو کان وڌائي 32 سيڪڙو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، انهي کوٽ ۾ سنڌ ۽ پنجاب برابر جا حصيدار هوندا، ارسا جو اهو فيصلو فوري لاڳو تصور ٿيندو، هن چيو ته ارسا پاڻي کوٽ 32 سيڪڙو تي پهچڻ کانپوءِ پاڻي جي ڪالهه ڪيل ورڇ ٽه رخي فارمولي تحت ڪئي آهي، بلوچستان ۽ خيبر پختونخوا صوبن کي کوٽ کان آجو قرار ڏنو ويو آهي، پاڻي کوٽ وڌي 32 سيڪڙو ٿيڻ بعد ارسا ايندڙ حڪم تائين پنجاب کي روزانو 83 هزار ۽ سنڌ کي 74 هزار ڪيوسڪس پاڻي فراهم ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي، هن دعويٰ ڪئي ته ٽه رخي فارمولي تحت پاڻي ورڇ ڪرڻ وارو مامرو سي سي آءِ ۾ التوا هيٺ آهي، ان ڪري ڪالهه ارسا اجلاس ۾ ٽه رخي فارمولي تحت ورڇ تي اتفاق راءِ ٿيو آهي ٻئي طرف ارسا سنڌ جي ميمبر زاهد حسين جوڻيجي ارسا ترجمان جي موقف کي رد ڪندي چيو آهي ته مون ارسا اجلاس ۾ ٽه رخي فارمولي تحت ورڇ جي مخالفت ڪئي، اجلاس جي منٽس ۾ سنڌ جي احتجاج کي شامل ڪرڻ جو به تحريري مطالبو ڪيو آهي، ارسا ٽه رخي فارمولي تحت پاڻي جي ورڇ اڪثريت راءِ سان ڪئي آهي، ٻئي طرف ارسا پاران پاڻي کوٽ 23 کان وڌائي 32 سيڪڙو ڪرڻ بعد سنڌ جي حصي ۾ 10 هزار ڪيوسڪس پاڻي جي گهٽتائي ڪئي وئي آهي، هن وقت سنڌ کي 84 هزار ڪيوسڪس پاڻي فراهم ٿي رهيو هو، جيڪو ايندڙ حڪم تائين 74 هزار ڪيوسڪس فراهم ٿيندو، جڏهن ته سنڌ پاران پهرين جون تائين روزانو هڪ لک 20 هزار ڪيوسڪس پاڻي فراهم ڪرڻ جي انڊينٽ ارسا حوالي ڪئي وئي هئي سنڌ کي فراهم ڪيل انڊينٽ کان 46 هزار ڪيوسڪس گهٽ پاڻي ملندو، تونسا کان سنڌ تائين پاڻي لاسز کي سنڌ کي فراهم ٿيندڙ پاڻي مان ڪاٽڻ سان گڊو وٽ سنڌ کي 56 هزار ڪيوسڪ پهچي سگهندو، ٻئي پاسي ارسا ترجمان چيو آهي ته سٺي خبر اها آهي ته سنڌو درياءِ جي ڪيچمينٽ ۾ گرمي پد وڌڻ شروع ٿيو آهي، ڪالهه پارو 23.9 کان وڌي 26.1 ڊگري تي پهتو آهي، موسميات کاتي چيو آهي ته گرمي پد ۾ واڌ جي اها صورتحال جاري رهندي، ايندڙ 48 کان 72 ڪلاڪن اندر پاڻي جي صورتحال بهتر ٿيندي، ارسا ترجمان چيو ته 72 ڪلاڪن تائين پاڻي جي کوٽ 32 سيڪڙو ئي رهندي، هن اقرار ڪندي چيو ته 14 ڏينهن کانپوءِ سنڌ کي پنجند وٽان 5 هزار ڪيوسڪس پاڻي فراهم ڪيو ويو آهي، هن چيو ته منگلا مان سنڌ لاءِ 8 هزار ڪيوسڪس پاڻي ڇڏيو ويو هو، جنهن مان پنجند وٽان سنڌ کي 5 هزار ڪيوسڪس پاڻي فراهم ڪيو ويو آهي، هن چيو ته ڪالهوڪي ارسا جي اجلاس ۾ ٽي پي لنڪ ڪئنال بابت ڪو فيصلو نه ٿيو آهي، ٽي پي لنڪ ڪئنال وهائڻ بابت پنجاب کي فيصلو ڪرڻو آهي، ڪالهه به ٽي پي ڪئنال ۾ 500 ڪيوسڪس پاڻي جي کڻت جاري رهي.