پير جو ڳوٺ ڀتو نه ڏيڻ تان ڌاڙيل ڪيلن جو باغ ڪپي ويا

0
254

پير جو ڳوٺ (ن پ ا) احمدپور ٿاڻي جي حد ۾ منٿلي نه ڏيڻ تان ڌاڙيل آبادگار اعجاز انصاري جي ڪيلن جو باغ ڪپي ويا، جنهن ڪري آبادگار کي لکين روپين جو نقصان ٿيو آهي، متاثر آبادگار اعجاز انصاري جو چوڻ آهي ته ڌاڙيل سائين بخش ناريجو منٿلي گهري، نه ڏيڻ تي ڪيلا ڪٽي نقصان ڪيو، سائين بخش موبائيل تي مسيج به ڪيو آهي ته جيڪڏهن مونکي ڪجهه ڏينهن ۾ 5 لک منٿلي نه ملي ته وڌيڪ نقصان پهچايو وينديو، هن ايس ايس پي خيرپور ڊي آئي جي سکر کي اپيل ڪئي ته ڌاڙيلن جي ظلم جو نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي.