ڪراچي (رپورٽ : دودو چانڊيو) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته اسان کي پنجاب جي پاڻي جي حصي مان هڪ ڦڙو به نه کپي ۽ نه ئي چاهيون ٿا ته ڪير سنڌ جو پاڻي کڻي ، پنجاب سميت سمورن صوبن جي پاڻي جي مسئلي تي ڳالهائڻ لاءِ تيار آهيان. جڏهن اسان ڀارت سان ويهي پاڻيءَ جو مسئلو حل ڪيو ته صوبن سان ڇو نٿا حل ڪري سگھون؟ ٽن وزيراعظمن آڏو پاڻي جو ڪيس وڙهي چڪو آهيان، 91ع ٺاهه تي اعتراض هئا پر ان تي عمل ٿيڻ گھرجي. 24 ڪلاڪن ۾ سنڌ کي حصي کان 33 سيڪڙو گھٽ پاڻي مليو آهي، جڏهن ته پنجاب حصي کان صرف 6 سيڪڙو گھٽ پاڻي کنيو آهي. سنڌ اسيمبلي ۾ موجود سمورين پارٽين کي اپيل ٿو ڪريان ته اهي سنڌ ڌرتيءَ سان وفا ڪندي پاڻيءَ جي معاملي تي منهنجو ساٿ ڏين، وڏي وزير جي تقرير دوران متحده، جي ڊي اي ۽ جماعت اسلامي جي ميمبرن اعلان ڪيو ته اهي سنڌ جي پاڻي معاملي تي وڏي وزير سان گڏ آهن. اجلاس ۾ موجود پي ٽي آَءِ جي ميمبرن راءِ رکي ته پاڻي جي معاملي تي ايوان ۾ بحث ڪرايو وڃي، اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه خطاب لاءِ سنڌ ۽ پنجاب وچ ۾ پاڻي تڪرار جا سمورا دستاويز کڻي آيو. وڏي وزير پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ۽ پوءِ پنجاب ۽ سنڌ جي وچ ۾ پاڻي جي حوالي سان جيڪي به ٺاهه ٿيا، جيترا اجلاس ٿيا ۽ فيصلا ٿيا، انهن جا لکت ۾ تفصيل پيش ڪندي چيو ته پاڪستان ٺهڻ کان اڳ به اهو موقف رکيو هو ته پاڻي تي پهريون حق سنڌ جو آهي، ڇاڪاڻ ته اها پڇڙي ۾ آهي. انگريز گوري به سنڌ سان وفا ڪندي سنڌ جوپاڻي تي پهريون حق تسليم ڪيو هو. سنڌ اسيمبلي اندر بمبئي کان جدا ٿيڻ کان وٺي هن وقت تائين ڪنهن به ميمبر مخالفت ناهي ڪئي. آئون چاهيان ٿو ته هاڻي به سنڌ جو گڏيل آواز وڃي. هن چيو ته سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف پنهنجو ڪيس عوام آڏو رهندس۔ سنڌ ڌرتي پاڻي سان سر سبز رهي سگهي ٿي۔ وڏي وزير چيو ته سنڌ جو پاڻي اڳ به چورايو ويندو هو. سکر بئراج جي لائبريري ۾ پاڻي جي حوالي سان دستاويز پيل آهن وڏي وزير چيو ته ورهاڱي بعدواپڊا چيو هو ته 1945ع جي ايگريمينٽ تحت صوبن کي پاڻي ڏينداسين پر هميشه سنڌ سان ناجائزي ٿيندي رهي آهي. ملڪ جا 3 درياءَ وڪرو ڪيا ويا۔ سنڌ کي هميشه پري رکيو ويو آهي، هن چيو ته سنڌ جو اڄ به پراڻو ئي موقف آهي ته سنڌکي سندس حصي جو پاڻي ڏنو وڃي. هن چيو ته اڄ سمنڊ جي به حالت ڏسو، اسان پنهنجي عوام کي اڃارو ڏسي نٿا سگھون. پاڻي جا پراڻاڪيس به پڙهيا وڃن. هن چيو ته راوي، جهلم ۽ چناب تي لنڪ ڪئنال ٺاهيا ويا، ان ڪري سنڌ جو پاڻي گهٽ ٿيندو ويو. گريٽر ٿل ڪئنال 1918ع ۾ ٺهڻ شروع ٿيو هو، ان کي انگريزن بند ڪرايو هو پر آمرن ( پرويز مشرف) ان منصوبي کي مڪمل ڪيو، وڏي وزير چيو ته 1945ع ۾ ٿيل ٺاهه تحت پنجاب کي 48.34 ۽ سنڌ کي 46 ايم اي ايف پاڻي ڏنو ويو هو، هن چيو ته سنڌ سان هميشه پاڻي معاملي تي زيادتي ٿئي ٿي انڊس واٽر ٽريٽي ۾ سنڌ جو ڪو به نمائندو شامل نه هو، ان معاهدي تحت ڀارت کي 3 درياهه وڪرو ڪيا ويا، هڪ آمر ( جنرل ايوب خان) اهي 3 درياءُ ڀارت کي وڪرو ڪيا. وڏي وزير ٻڌايو ته چشما جهلم ۽ ٽي پي لنڪ ڪئنال غير قانوني طور تي ٺاهيا ويا، اهي ڪئنال نه پر درياءِ آهن. ٻنهي لنڪ ڪئنالن جي گنجائش 43 هزار ڪيوسڪ آهي. انهن ڪئنالن ۾ رڳو بوڏ وقت واڌو پاڻي ڏئي سگهجي ٿو. مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته پنجاب وڌيڪ پراجيڪٽ ڏيکاري سڀ کان وڌيڪ پاڻي کڻي رهيو آهي. سنڌ ڪيترائي ڀيرا اعتراض واريا پر هڪ به نه ٻڌي وئي، ويتر اهو چيو ويو هو ته 77 کان 82ع تائين صوبن جيترو پاڻي استعمال ڪيو ان کي اوترو وپاڻي ملندو. هن چيو ته آئون 2018 ۾ سنڌ جي پاڻي جو ڪيس سي سي آءِ ۾ کڻي ويس. ڊسمبر 2019 ۾ اعتراض واريو ويو. اسانکي اڄ تائين 27.6 ايم ايم ايف پاڻي گهٽ مليو آهي، هن مهيني جي 20 ڏينهن دوران 36 سيڪڙو کوٽ رهي هن اسيمبلي مان پهريون ڀيرو آواز آيو ته پاڻي ضايع ٿي رهيو آهي، اڄ ڪوٽڙي بئراج جي ڪهڙي صورتحال آهي؟ هن چيو ته ڊيم هوا سان نه پر پاڻي سان ڀربا آهن. مون وٽ ثبوت آهن، ڪو به اجائي وايلا نه ڪري. هن چيو ته شڪار پور واقعي تي اڱاري تي بحث ڪبو۔ هن چيو ته اسان کي پنهنجي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي اسان هڪ به ڦڙو اضافي وٺڻ نٿا چاهيون. پاڻي جي معاملي تي پوئتي نه هٽنداسين. صوبي جا حق وڙهي وٺبا، سنڌ جي پاڻي جي حصي تي هر فورم تي ويهڻ لاءِ تيار آهيون. اجلاس ۾ ڳالهائيندي جي ڊي اي ميمبر عارف مصطفيٰ جتوئي چيو ته اسان پاڻي مسئلي تي وڏي وزير سان گڏ آهيون، جي ڊي اي جو موقف آهي ته هن مسئلي تي هڪ ڏينهن رکيو وڃي. ايم ڪيو ايم جي خواجا اظهار الحسن چيو ته پاڻي ٺاهه تي مڪمل عمل ٿيڻ گهرجي. جماعت اسلامي جي سيد عبدالرشيد چيو ته وڏو وزير سنڌ جو ڪيس جهڙي نموني وڙهي رهيو آهي اسان سندس سپورٽ ڪريون ٿا، جماعت اسلامي پاڻي واري اشو تي وڏي وزير سان گڏ آهي. تحريڪ انصاف جي بلال غفار چيو ته پاڻي معاملي تي بريفنگ جو سيشن رکڻ گهرجي. مسئلي کي سياسي بڻائڻ بدران ٽيبل ٽاڪ سان ڳالهيون حل ٿيڻ گهرجن.