اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد جي عدالت ادارن خلاف نفرت ڀڙڪائڻ واري ڪيس ۾ ليفٽيننٽ جنرل (ر) امجد شعيب کي فوري طور تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام اباد طرفان جاري ڪيل فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ليفٽيننٽ جنرل (ر) امجد شعيب جي 3 ڏينهن جو جسماني رمانڊ 27 فيبروري تي ڏنو ويو هو، جيڪو ڪالعدم قرار ڏنو وڃي ٿو. الزام ثابت ڪرڻ جي لاءِ ڪوبه پڪو ثبوت موجود نه آهي جيڪو رمانڊ جي لاءِ ڪافي هجي.ايڊيشنل سيشن جج طاهر عباس سپرا ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ فيصلو محفوظ ڪيو هو، ليفٽيننٽ جنرل(ر) امجد شعيب کي ڪالهه 2 ڏينهن جو جسماني رمانڊ مڪمل ٿيڻ تي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. ڪيس جي ٻڌڻي دوران امجد شعيب جي وڪيل پنهنجي موقف ۾ چيو ته قلم 505 جي تحت هي ڪيس ٺهي ئي نه ٿو. سمورو پٽڪو چونڊون ڪرائڻ بابت هو، هاڻ ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو اچي ويو آهي ته چونڊون ڪرايون وڃن، جيڪڏهن پهريان فيصلو اچي وڃي ها ته اهڙو پروگرام ٿئي ئي نه ها.امجد شعيب جي وڪيل ڪيس ختم ڪرڻ جي استدعا ڪئي. پراسيڪيوٽر امجد شعيب کي بري ڪرڻ جي مخالفت ڪئي. جنهن کانپوءِ ايڊيشنل سيشن جج طاهر سِپرائي امجد شعيب کي فوري طور تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ياد رهي ته ليفٽيننٽ جنرل(ر) امجد شعيب کي ادارن خلاف ڀڙڪائڻ جي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو هو.