اسلام آباد(بيورو رپورٽ) گهرو وزير رانا ثناءُ اللھ خان جي صدارت ھيٺ سينٽرل ايپڪس ڪاميٽي جي تحت قائم ڪيل ڪوآرڊينيشن ڪاميٽي جو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ وفاقي وزير قانون اعظم نذير تارڙ، گهرو سيڪريٽري يوسف نسيم کوکر، ڊي جي ايف آءِ آر، نيشنل ڪوآرڊينيٽر نيڪٽا، آءِ جي اسلام آباد، چيف اليڪشن ڪمشنر اسلام آباد ۽ سيڪيورٽي ادارن جي نمائندن شرڪت ڪئي. جڏھن ته اجلاس ۾ ملڪ جي سمورن صوبن سميت گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جي چيف سيڪريٽريز توڙي آءِ جي سنڌ به آن لائين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ نيشنل ايڪشن پلان تي اڳڀرائي جو تفصيلي جائزو ورتو وتو. سمورن صوبن طرفان ايپڪس ڪاميٽي جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن تي اڳڀرائي بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. وفاقي گهرو وزير جو چوڻ ھو ته ايندڙ اجلاس ۾ ھر ادارو پنھنجا حدف واضع ڪري ۽ ان تي عملدر آمد جو ٽائيم فريم به مھيا ڪري ته جئين ان سلسلي ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي جو موثر طريقي سان جائزو وٺي سگھجي. گهرو وزير چيو ته دھشتگردي ھڪ ناسور آھي، جنھن خلاف جامع ۽ موثر قومي حڪمت عملي گھربل آھي. ماڻھن جي جان ۽ مال جي تحفظ جي فراھمي حڪومت جي اولين ذميواري آھي، ملڪي ترقي به ان سان لاڳاپيل آھي ته ماڻھن کي ھر قسم جو تحفظ فراھم ڪيو وڃي ته جئين معاشي سرگرمين ۾ اضافو ٿئي. رانا ثناءُاللھ جو چوڻ ھو ته اسان دھشتگردن جا سمورا ذريعا ختم ڪنداسين ، جنهن سان انھن کي مدد ۽ طاقت ملندي آھي. سي ٽي ڊي ۽ دھشتگردي جي روڪٿام وارن ٻين ادارن کي مڪمل فعال ڪرڻ لاءِ ھنگامي بنيادن تي قدم کنيا ويندا، پوري قوم خاص ڪري سيڪيورٽي ادارن دھشتگردي جي خاتمي لاءِ بي پناھ جذبي ۽ شجاعت جو مظاھرو ڪيو آھي ان ناسور جو مڪمل خاتمو ان جذبي ۽ عزم سان ئي ممڪن آھي. گهرو وزير چيو ته شھيدن جي خاندانن ۽ زخمين جي سار سنڀال ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي ويندي، سندن ھر ممڪن حوصلا افزائي ڪنداسين.