پيرجوڳوٺ (ن پ ا) پيرجوڳوٺ ويجهو احمدپور ۾ نافرمان پٽن پيرسن ماءُ کي تشدد ڪري گهران ڪڍي ڇڏيو، ٿاڻي تي فرياد داخل، جوابدارن کي گرفتار ناهي ڪيو، پٽن مان زندگيءَ کي خطرو آهي ايس ايس پي خيرپور نوٽيس وٺي. احمدپور شهر جي ملاح پاڙي واسڻ پيرسن غلام صغرا ملاح ميڊيا اڳيان دانهيندي ٻڌايو ته مڙس ولي محمد ملاح حصي ۾ گهر جي جڳھه ڏني، جنھن تان نافرمان پٽن غلام شبير عرف بابو، عمران ۽ عرفان ملاح تشدد ڪري گهران ڪڍي ڇڏيو آهي، جنهن ڪري دربدريءَ واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهيان. هن ٻڌايو ته پٽ غلام شبير روز تشدد ڪندو رهي ٿو، تنگ ٿي احمدپور ٿاڻي تي فرياد داخل ڪرائي ڇڏي آهي پر پوليس نافرمان پٽن کي گرفتار نه پئي ڪري، پٽن مان زندگيءَ کي خطرو آهي. هن ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته  معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.