ھالا (ن پ ا) هالا شهر ۾ هڪ ڏينهن ۾ ڦر، ڌاڙي جون ٽي وارداتون،  ان ڏس ۾  ڏوهارين جنهن ۾ هڪ عورت پنهنجن ٽن ساٿين سان گڏ طالب المولا ڪالوني ۾ رهندڙ هندو واپاري ۽ مخدوم هائوس جي قريبي اڳواڻ مهيش ڪمار جي گهر۾ هٿيارن سان داخل ٿي گهر ۾ موجود عورتن کي هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائڻ تي عورتن پاران دانهون ڪرڻ تي جوابدارن پسٽل سان ڌڪ هڻندي هڪ عورت کي زخمي ڪندي سندس ڳلي ۾ پيل سونو هار ٽوڙي گهر جي الماڙي ۾ رکيل لک روپيه ڪيش رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا، ٻي طرف نامعلوم چورن طالب المولا ڪالوني ۾ ماستر نزاڪت علي شيخ جي ڪنفشنري جي دڪان جا تالا ٽوڙي 10 هزار روڪ رقم کڻي فرار ٿي ويا.  هوڏانهن باءِ پاس تان ريحان ملڪ جي اسپيڪر پارٽسن جي دڪان تي هٿياربندن عملي کي يرغمال بڻائي 12 هزار روڪ، 3 موبائيل فونون، ڦر ڪري فرار ٿي ويا.