سڪرنڊ (ن پ ا) شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي آف وٽرنري اينڊ اينيمل سائنسز سڪرنڊ جي چوپائي مال جي مختلف بارڊر پاس بيمارين ۽ ان جا انساني صحت تي ٿيندڙ اثرن جي موضوع هيٺ ٻن ڏينهن واري انٽرنيشنل ڪانفرنس جاري آهي، جنهن ۾ آمريڪا سميت دنيا جي مختلف ملڪن جا ماهر جيمز اوڪوٺ، ڊاڪٽر احرار احمد، ڊاڪٽر رائو زاهد، ڊاڪٽر سليم رضا سمون، ڊاڪٽر گلشن ميمڻ، ڊاڪٽر امانت جلباڻي، ڊاڪٽر ڪي بي ميربحر، ڊاڪٽر نظير ڪلهوڙو ۽ ٻين شرڪت ڪئي، پروفيسر ڊاڪٽر محمد فاروق حسن ميڊيا کي ٻڌايو ته ڪانفرنس سان يونيورسٽي هڪ گڏيل پيغام ڏئي ٿي ته جانورن جي بيمارين سان اڪثر ڪري انساني صحت کي ڪيترو نقصان ٿئي ٿو، هن چيو ته لمپي ڊزيز سان جانورن جو تمام گهڻو نقصان ٿي چڪو آهي.