احمدپور (ن پ ا) احمدپور ۾ سيپڪو پيرجوڳوٺ جي عملي 200 کان وڌيڪ غيرقانوني ڪنيڪشن ڪاٽي تارون پاڻ سان گڏ ويا.ان موقعي تي ايس ڊي او پيرجوڳوٺ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته احمدپور ۾ ڪنڊا هڻي بجلي چوري ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، جڏهن ته شهرين ڏانهن لکين رپين جون بقايائون پڻ رهيل آهن،ويتر غير قانوني ڪنڊا هڻي بجلي چوري ڪئي وڃي ٿي جن خلاف ڪارروائي جاري رهندي.