موهن جو دڙو (ن پ ا) موهن جو دڙو لڳ ڳوٺ ٻلهڙيجي ۾ گهر جي بجلي ٺاهڻ دوران ڪرنٽ لڳڻ سبب 14 سالن جو صغير ملاح فوت ٿي ويو، فوتي نينگر جي گهر جي بجلي جي تار ٽٽي پئي هئي، جيڪا ڳنڍڻ دوران کيس ڪرنٽ لڳو، نينگر کي وارثن پاران اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي ڊاڪٽرن سندس موت جي تصديق ڪئي، جنهن بعد وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو.