سکر (بيورو رپورٽ) صحافي اجي لالواڻي قتل ڪيس جي ٻڌڻي، جوابدارن مٿان فرد جرم لاڳو نه ٿي سگھيو، ڪيس جي ٻڌڻي31 آگسٽ تائين ملتوي. دھشتگردي جي خاتمي واري عدالت سکر جي جج شڪيل حيدر شاھ جي عدالت صحافي اجي ڪمار لالواڻي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ان موقعي تي پنجن گرفتار جوابدارن جميل شاھ، رضا شاھ، اڪبر مڱريو، مصطفيٰ ۽ جانب ميراڻيءَ کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. جڏھن ته ڪيس ۾ نامزد اڳوڻو ٽائون چيئرمين عنايت شاھ، احسان شاھ ۽ اڳوڻو ايس ايچ او عاشق ميراڻي به عدالت ۾ پيش ٿيا. عدالت ڪيس ۾ فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ ٻڌڻي 31 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي. مقتول اجي لالواڻي جي والد دليپ ڪمار ميڊيا نمائندن سان ڳالهائيندي چيو ته حڪومت پاران پٽ جو نالو ستاره امتياز لاءِ نامزد ڪرڻ تي کيس خوشي ٿي آھي. واضح رھي صالح پٽ واسي صحافي اجي لالواڻيءَ کي گذريل سال 17 مارچ تي قتل ڪيو ويو ھو.