ٺل (ن پ ا) ٺل ڀرسان ڳوٺ گلشير ڪنراڻي ۾ 14 ڏينهن اڳ مدرسي مان   15 ورهين جي يتيم نينگر مظفر سومرو جو ڦاهو کاڌل لاش ملڻ واري مامري تي پوليس ڪابه اڳڀرائي نه ڪري سگهي آهي، ايس ايس پي جيڪب آباد سمير نور چنا پاران جوڙيل جاچ ٽيم پاران جاچ مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ڳڙهي حسن تي داخل ڪرايل ڪيس ۾ نامزد ڪيل جوابدار اڃا  تائين گرفتار نه ٿي سگهيو آهي، جڏهن ته هڪ جوابدار عطا محمد عرف بابن ڪنراڻي پوليس جي حراست ۾ آهي، ٻئي طرف مزاري لاشاري محلي ۾ نينگر مظفر سومرو جي قتل جو صدمو نه سهندي بيمار رهندڙ سندس ڀاءُ راڻو عرف محمد يونس سومرو جي ٽيجهي جون رسمون ادا ڪيون ويون،  جنهن ۾شهر جي سياسي سماجي اڳواڻن شرڪت ڪئي، ٻي طرف ميڊيا سان ڳالهائيندي مقتول نينگر جي امڙ  پياري خاتون ٻڌايو ته منهنجي هڪ پٽ کي ناحق تي قتل ڪيو ويو، جنهن بعد پنهنجي بيمار پٽ راڻو عرف يونس کي گهر وٺي آيس ته هو صدمي ۾ فوت ٿي ويو،  اسان سان ظلم ٿيو آهي، ٻي طرف  مقتول نينگر جي مامي محمد شريف سومري ٻڌايو ته اسان کي ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪايو پيو وڃي، جوابدار گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.