سکر (بيورو رپورٽ) سکر پوليس صالح پٽ جي مقتول صحافي اجي لالواڻي جي قتل ڪيس ۾ هڪ شڪي جوابدار کي لاهور مان گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. سکر پوليس لاهور جي ريلوي اسٽيشن تان اڪبر مڱريو نالي هڪ شڪي جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جنهن کي نو لکا ٿاڻي تي رکيو ويو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جا سي سي ٽي وي فوٽيج اچڻ بعد هڪ شڪي شخص گهر ڇڏي فرار ٿي ويو هو، جنهن کي لاهور مان گرفتار ڪيو ويو آهي. پوليس موجب شڪي همراهه جو نالو اڪبر مڱريو آهي، جيڪو واقعي بعد لاهور فرار ٿي ويو، جوابدار جي اڄ راهداري رمانڊ وٺي سکر منتقل ڪيو پيو وڃي. مقتول صحافي جي وارثن جو چوڻ آهي ته پوليس ڪو ٻوٽو ناهي ٻاريو، ڪيترائي ڏينهن گذرڻ باوجود اصل جوابدارن کي ناهي پڪڙيو ويو.