اسلام آباد: ملڪ ۾ پيدا ٿيل پيٽروليم بحران بعد وزير اعظم جي خاص معاون نديم بابر کي عهدو ڇڏڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اسد عمر چيو ته ڏسڻو اهو آهي ته ڇا پيٽروليم مصنوعات جي ذخيره اندوزي ڪئي وئي ۽ ڪنهن ڪئي؟ اهي ڪمزوريون آهن، عدالتن اندر ثبوتن سان ڪيس داخل ڪري سگهجن ٿا. هن چيو ته وزير اعظم، خاص معاون نديم بابر کي استعيفيٰ ڏيڻ جي هدايت ڪندي پيٽروليم وزارت کي چيو آهي ته سمورا انتظامي فيصلا ڪري رپورٽ ڏني وڃي. اسد عمر وڌيڪ چيو ته قانونسازي اندر اهو ابهام پيدا ٿيو ته اوگرا ۽ پيٽروليم ڊويزن جي ڪهڙي ذميواري آهي، پيٽروليم ڊويزن اوگرا تي ذميواري وجهندو هو، معيشت کي نقصان پهچائيندڙن لاءِ تمام گهٽ سزائون آهن.