ٽيڪساس (م ڊ) آمريڪي رياست ٽيڪساس جي شهر الين جي شاپنگ مال ۾ فائرنگ جي واقعي ۾ 9 ڄڻا مارجي ويا. پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب ڊيلس جي شهر ۾ پيش آيل ان واقعي ۾ شروعاتي طور تي 9 ڄڻا زخمي ٿيڻ جو ٻڌايو ويو هو پر هاڻ مارجڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي. اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ هو ته واقعي واري هنڌ تي ٽي لاش پيل ڏٺا آهن، هنن موجب حملو ڪندڙ کي ڪارا ڪپڙا پهريل هئا ۽ هو مختلف قسمن جي شين سان ليس هو. پوليس جو چوڻ هو ته زمين ۾ پنجن ورهين جو ٻار به شامل آهي، شڪي جوابدار جي گاڏي جي سڃاڻپ ڪئي وئي آهي. اختيارين موجب شاپنگ مال ۾ فائرنگ جو آواز ٻڌندي ئي ويجهو موجود پوليس اهلڪار مال پهتا ۽ حملو ڪندڙ کي گولي هنئين پر حملي جو سبب ظاهر ناهي ڪيو ويو. شروعاتي طور تي چيو ويو هو ته حملو ڪندڙ جو امڪاني طور تي هڪ ٻيو ساٿي به موجود آهي جنهن جي ڳولا جاري آهي پر پوءِ تصديق ڪئي وئي ته حملو ڪندڙ اڪيلو هو. الين شهر ۾ پاڪستانين سوڌو ڏکڻ ايشيائي ماڻهن جو وڏو انگ آباد آهي پر مارجي ويلن ۽ زخمين جي سڃاڻپ ظاهر ناهي ڪئي وئي.