ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ شهرين جو 3 جوابدارن تي تشدد، 2 مارجي ويا، هڪ زخمي، اورنگي ٽائون جي سيڪٽر 14 سي ۾ رات دير سان شهرين 3 جوابدارن کي سوگهو ڪري تشدد جو نشانو بڻايو. پوليس موجب تشدد سبب 2 جوابدارن دم ڏنو، هڪ جوابدار کي زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جنهن جو علاج هلندڙ آهي. پوليس موجب جوابدارن جي قبضي مان  ڦر ڪيل 2 موٽر سائيڪلون ۽ هڪ پستول هٿ ڪيو ويو، زخمي جوابدار جي سڃاڻپ اويس پٽ ڪريم جي نالي سان ٿي. جڏهن ته مارجي ويل جوابدارن جي سڃاڻپ ناهي ٿي سگهي