ڪنري (ن پ ا) ڪنري ۾ ٽن شاگردن کي هٿيارن جي زور تي مبينا اغوا ڪري ڪپڙن کان آجا ڪري فحاش ويڊيوز ۽ تصويرون ٺاھي ھڪ نينگر سان مبينا اجتماعي بدفعلي ٿيڻ جو انڪشاف، متاثر نينگر ٿاڻي پھتا، پنجن جوابدارن خلاف گينگ ريپ جو ڪيس داخل، ڪابه گرفتاري نه ٿي. خبر موجب  ڪنري ۾ ٽن شاگردن کي مبينا اغوا ڪري ويڊيوز ڀرڻ ۽ ھڪ شاگرد سان مبينا بدفعلي ٿيڻ جو انڪشاف سامھون آيو آھي، شھر جي سميع الله ڪالوني واسي ٽن شاگردن 8 درجي ٻن شاگردن 15 ورھين جي (ج-ا)  خاصخيلي، 15 ورھين جي (ظ) خاصخيلي ۽ 7 ڪلاس جي 14 سالن جي (د) خاصخيلي کي مبينا اغوا کي مبينا ڪيو ويو، متاثر نينگرن سندس وارثن سميت دانھن کڻي ڪنري ٿاڻي پھتا، جتي متاثر شاگردن روئيندي صحافين آڏو ڳالھائيندي الزام ھنيو ته موٽرسائيڪلن تي سوار پنج ڄڻا هٿيارن جي زور تي ٿڌو پيارڻ جي بھاني سان اغوا ڪري شھر ڀرسان نئين مرچ منڊي وٽ ديوين جي جھنگ ۾ کڻي ويا، جوابدارن هٿيارن جي زور تي ٽنھي نينگرن کي ڪپڙن کان آجو ڪري فحش ويڊيوز ۽ تصويرون ٺاھيون ۽ ھڪ شاگرد (ج-ا) خاصخيلي کي اجتماعي بدفعلي جو نشانو بڻايو ۽ دانھن ڪرڻ تي جان کان مارڻ جون ڌمڪيون ڏنيون، ڪنري پوليس پاران نينگرن جي ميڊيڪل ڪرائڻ لاءِ ليٽر جاري ڪري ڇڏيو. جنھن بعد پوليس پاران واقعي جو متاثر شاگرد جي والد اسلم خاصخيلي جي فرياد تي پنج ڄڻن خلاف نينگرن کي اغوا ڪري ھٿيارن جي زور تي گينگ ريپ ڪرڻ ۽ ڪپڙن کان آجا ڪري فحش ۽ اگھاڙيون ويڊيوز ڀرڻ جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو. ڪيس ۾ نعيم بلوچ، شفيع بلوچ کي نامزد ۽ ٽن ڄڻن کي نامعلوم طور ڄاڻايو ويو، فريادي ڄاڻايو ته نامزد جوابدارن سندس پٽ ۽ ڀائيٽن کي اغوا ڪري کڻي وڃي ويڊيوز ٺاھيون ۽ واري واري سان بدفعلي ڪري دانھن ڪرڻ تي جان کان مارڻ جون ڌمڪيون ڏنيون، متاثر شاگردن ۽ سندس وارثن پاران جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ۽ تحفظ جو مطالبو ڪيو آھي، ھوڏانھن آخري اطلاعن تائين ڪوبه جوابدار گرفتار نه ٿي سگھيو ھو.