آمريڪا جو ڌمڪي واري خط سان وري انڪار، الزام ۾ سچائي ناهي: نيڊ پرائس

0
444
آمريڪا جو ڌمڪي واري

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) پاڪستان کي ڌمڪين وارو پيغام موڪلڻ واري معاملي تي آمريڪي پرڏيهي کاتي هڪ ڀيرو ٻيهر انڪار ڪندي الزامن کي رد ڪندي چيو آهي ته ڌمڪين وارن الزامن ۾ ڪا به سچائي ناهي

اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي ترجمان نيڊ پرائس چيو ته اسان ڪنهن هڪ سياسي پارٽي جي حمايت نٿا ڪريون، تنهن ڪري آمريڪا خلاف لڳايل الزام سچا ناهن

هن چيو ته آمريڪا آئين جي پرامن بالادستي ۽ ان تحت جمهوريت، قانون جي حڪمراني ۽ برابري جي اصولن جي حمايت ڪري ٿو جڏهن ته اهو اصول نه رڳو پاڪستان پر دنيا جي ٻين ملڪن لاءِ به آهي

ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ وزيراعظم عمران خان چيو هو ته طاقتور ملڪ طرفان ڌمڪي وارو خط موڪليو ويو آهي ته بي اعتمادي رٿ ڪامياب نه ٿيندي ته پاڪستان کي گهڻو نقصان ٿيندو، عمران خان آمريڪا جي سازش کي ناڪام بڻائيندي صدر جي معرفت قومي اسميبلي ٽوڙائي ڇڏي

ھي به پڙھندا

پاڪستان کي ڌمڪيون: روس جو آمريڪي سازش تي سخت رد عمل