ھن ملڪ کي ھلائڻ واري هاڻوڪي نظام جون لاچاريون

0
198
عمران خان، اسٽيبلشمنٽ ۽ خواب ۾ اچڻ وارو جن

 اقتدار ۽ اختيارن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ عوام کي خوار خراب ڪري قطارن ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ بيھاري پاڻ ايئر ڪنڊيشنڊ گاڏين ۾ اچي  پولنگ اسٽيشنن تي ھنگاما ڪرائي انھن ئي ووٽرن کي زخمي يا قتل ڪرائي رفو چڪر ٿي وڃڻ. حڪومت ٺھڻ کان پوءِ ھڪ ڌر لاءِ اقتدار، اختيارن، ڌن دولت، مال ۽ ٻيا ٺٺ ٺانگر، ته ٻي ڌر وري اھي شيون حاصل ڪرڻ لاءِ حڪومت کي ختم ڪرڻ لاءِ ڌاندلي، ادران جي مداخلت تي رڙيون ڪري انھيءَ عوام کي خوار ڪرائڻ، مرڻ ۽ مارائڻ لاءِ رستن تي گڏ ڪري ايندڙ ويندڙ عوام جي لاءِ ئي  عذاب پيدا ڪرڻ، اھي ئي سياستدان وري ايئر ڪنڊيشنڊ گاڏين ۾ اچي ڪجهه ماڻھو زخمي، ته ڪي مارائي ھليا ويندا آهن. جڏھن به ڪو فائدو ڏسڻ ۾ آين، ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪن جو ضمير اھڙو ته ڄاڳندو  جو ھفتن جا ھفتا ننڊ ڪونه ڪندو آهي. ته ڪن جو ھفتن جا ھفتا آرام سان کونگھرا ھڻي ستو پيو ھوندو آهي. ووٽ ڏيڻ ۽ مرڻ جي لاءِ وري عوام هر وقت حاضرِ خدمت. حاصل مطلب ته، رياست جو مسئلو سدائين سلامتي (سيڪيورٽي) ۽ معاشي. سياستدانن جو مسئلو اقتدار، اختيار، پيسا ڪمائڻ. ته وري ادارن جو مسئلو ڪڏھن سندن ساک، ته ڪڏھن آئين ۽ قانون جو احترام، يا وري ڪڏهن لتاڙ (اختتام) ڪرڻ. ھنن ٽنھي طبقن جا مسئلا، منهنجي خيال ۾ ٽن مسئلن سان جڙيل آھن، پيٽ، دماغ ۽ ضمير. باقي رھيو روح، اھو زندگي ڀر جسم کان پاسيرو ٿي گھمندو ڦرندو وتي ٿو عياشي ڪندو ۽ موت کان پوءِ ئي ان جو ڪم شروع ٿئي ٿو.

ھن دنيا مان پاڻ سان گڏ اھي مسئلا ڪلھن تي کڻي هلڻ، جن کي دماغ، جسم، ضمير پيدا ڪيو ھو. ان ڪري اسان کي ڪھڙي پرواهه؟  اسان جي قوم جو نصب العين کائي پي وٺو زندگي تي ڪھڙو ڀروسو، ھي زندگي تمام ٿوري آھي. سو روح کي پاسي تي رکي دماغ، جسم ۽ ضمير کي موقعي جي مناسبت سان استعمال ڪري صرف دنياوي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪم آڻڻ کپي. ھن ملڪ ۾ ايتريون سياسي پارٽيون، پريشر گروپ، غير سرڪاري تنظيمون (اين جي اوز)، ميڊيا چينل ۽ اھڙا ادارا قائم ڪيا ويا آهن جيڪي گذارو الائونس حاصل ڪري اندرين ٻاھرين  جي مدد سان ان سسٽم کي ھلائڻ لاءِ جي ڪم ڪري رهيا آھن جيڪو اصل ۾ سسٽم آهي ئي ڪونه. سواءِ برطانيا جي باقي چين، روس، آمريڪا، فرانس ۾ به صدارتي طرز حڪومتون ھلي رھيون آھن، ترڪي، جرمني، يورپي يونين جي ڪجھه ملڪن ۾ به صدارتي طرز تي، ڪاروبار مملڪت ھلايو پيو وڃي. وچ اوڀر ۽ گڏيل عرب عمارتن ۾ به بادشاهي طرزِ حڪومتون ڪم ڪري رهيون آهن.

ھندوستان، ڏور اوڀر ۾ پارلياماني ۽ صدارتي طرز نظام ته پنهنجي پياري پاڪستان ۾ پارلياماني نظام ايترو ته  گند پيدا ڪيو آهي جو ھن گند کي پوريءَ طرح سان گڏ ڪري اڇلائڻ کان سواءِ عام ماڻھو بک، بدحالي،  روڄ راڙي مان آزاد ٿي ڪونه سگهندو. وڌيڪ عوام جو جسم  ۽ اندرين ٻاھرين جي مرضي ته ھو ھميشه وانگر ھن عوام جي ڪمزور جسم جي بھتري لاءِ دماغ استعمال ٿا ڪن يا ضمير ڇو ته عوام کي صرف جسم جي استعمال ڪرڻ جي ضرورت يا اجازت آھي. کيس دماغ ۽ ضمير استعمال ڪرڻ کان پھريان ڪافي سوچي سمجھي قدم کڻڻو پوندو. ايئن نه ٿئي جو ڪٿي دماغ يا ضمير استعمال ڪري پاڻ کي ھميشه لاءِ مارائي ڇڏي ۽ ان جھڙي تھڙي جسم تان به هٿ کڻڻو پويس. جي ووٽ جو حق استعمال ڪري ته صرف شڪ ۽ اندازي موجب ماضيءَ ۾  فائدن جي کيس جڏهن خبر آھي ته بھتر ٿيندو ته پنھنجي جسم کي گدرو سمجهي خطري کي وڌيڪ ترجيح ڏئي ھنن جھڙن چاقن کان بچائي. وڌيڪ توھان عوام جو جسم ۽ وري به ھنن چاقن جي مرضي. ناظم جوکيو قتل ڪيس ۾ ملوث جوابدار اڳوڻو ايم اين اي ڄام عبدالڪريم جوکيو سنڌ ھاءِ ڪورٽ مان ضمانت ڪرائي ورتي ۽ ماشاالله عدم اعتماد واري تحريڪ ۾ ووٽ وجھي نوٽ کي عزت ڏيڻ لاءِ اچڻ کان پھريان ئي شھيد ناظم جوکيو جي زال کيس معاف ڪري ڇڏيو. سندس چوڻ هو ته جڏھن مون کي پنھنجا ويجھا ڇڏي ويا ته مان ننڍڙن ٻارن سان ھن ظالم نظام سان ڪيئن منھن ڏئي سگھنديس. سو مون انصاف لاءِ الله تي ڇڏي ڏنو آهي.

ٻئي طرف ڏسجي ته جي عدم اعتماد واري تحريڪ مھينو کن اڳ پيش ڪئي وڃي ھا ته اسلام آباد واري نور مقدم ڪيس ۾ ظاھر جعفر کي موت جي سزا ۽ عثمان مرزا گينگ ڪيس ۾ به عمر قيد ته ملي وڃي ھا. ڇو ته ھنن ٻنھي ڪيسن کي جھڙي طرح سان استغاثا، انتظاميه ملي مدعي ڌرين کي پئسا ۽ ڌمڪيون ڏياري بيان تبديل ڪرايا ته ھنن کي سزائون ڪھڙي طرح سان ملن ھا. پر انھن جي بد نصيبي چئبي جو عمران خان ذاتي طور دلچسپي وٺي ڏنڊو کڻي پويان پئجي ويو ۽ ظاھر جعفر کي سزائي موت، ته عثمان مرزا گينگ کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي وئي. ان ڪري في الحال ھن   خبر کي برداشت ڪرڻ جي ڪوشش ڪيو. عدم اعتماد واري تحريڪ ڪامياب ٿئي ها ته ان قسم جي ڪجھه پراڻن ڪيسن متعلق به خوش خبريون حاصل ڪري پيش ڪري ھن قوم ۽ مملڪت خدادادِ پاڪستان کي عمران خان واريءَ مھانگائي ۽ پرڏيهي پاليسي مان جند ڇڏائجي ها.

مون کي لاھور جو سچو واقعو ياد اچي ويو آهي جنھن ۾ ھڪ فوجي صوبيدار ھيڊ ڪلارڪ جيڪو ان سياسي پارٽي سان تعلق رکندڙ ھو پر ماشاءَالله باريش ھجڻ سان گڏ پٺاڻ به ھو، جڏھن اھڙيون ٽئي  خاصيتون ھڪ ئي وقت ھڪ ئي شخص ۾ گڏ ھجن ته حيران ٿيڻ يا کلڻ جي ڪوشش نه ڪجو. صبح جو ڪرنل صاحب کي آفيس ۾ سيليوٽ ڪري فوج ۾ نوڪري نه ڪرڻ لاءِ درخواست پيش ڪئي ته سر منھنجو ضمير مون کي رات کان ملامت ڪري رھيو آھي. جنھن وقت بينظير ڀٽو وزيراعظم پاڪستان جو قسم کنيو ته مون به قسم کنيو صبح جو ئي فوج جي سرڪاري نوڪري نه ڪبي. ڪرنل صاحب پڇيس صوبيدار صاحب بينظير ڀٽو جي وزارت عظميٰ سان تنهنجي سرڪاري نوڪري نه ڪرڻ جو ڪھڙو واسطو آھي؟ جواب مليو ڪرنل صاحب منھنجي روحاني پيشوا ھن ملڪ جي وڏي زيرڪ سياستدان اعلان ڪيو آهي ته عورت جي حڪومت اسلام ۾ حرام آھي. سو مان ڪڏهن به عورت جي حڪومت ۾  سرڪاري نوڪري نه ڪندس.

 سنڌي ۾ هڪ مشهور چوڻي آهي ته جهڙا ڪانءَ تهڙا ٻچا سو جهڙو نظام تهڙيون لاچاريون. اسان جي پريشاني به مهانگائي وانگي وڌندي رهندي سو ملڪ جي سياسي نظام ۾ ڪنهن جي اچڻ يا ڪنهن جي وڃڻ جي ڪري اسان جي صحت يا پيٽ، دماغ ۽ ضمير تي جيڪڏهن اثر ٿئي ها ته اسان کي عدم اعتماد واري فلم بار بار نه ڏسڻي پئي ها.