پاڪستان کي ڌمڪيون: روس جو آمريڪي سازش تي سخت رد عمل

0
362

ماسڪو (م ڊ) روس جي پرڏيهي وزارت پاڪستان ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت ڪيرائڻ جي آمريڪي سازش تي سخت رد عمل جو اظهار ڪيو آهي، ان حوالي سان روسي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ماريا زاخارووا پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته آمريڪا پاڪستان جي اندروني معاملن ۾ مداخلت ڪري رهيو آهي

ماريا زخارووا چيو ته آمريڪا عمران خان تي روس جو دورو منسوخ ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وڌو پر عمران خان آمريڪي دٻاءُ کي ڀرپور نموني سان رد ڪيو

پرڏيهي وزارت جي ترجمان موجب آمريڪا عمران خان کي حڪم نه مڃڻ تي سزا ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ۽ قومي اسيمبلي ۾ عدم اعتماد جي رٿ اچڻ ان ڳالهه جو چٽو ثبوت آهي، روسي پرڏيهي وزير ماريا زخارووا وڌيڪ چيو ته آمريڪي اهلڪار يوڪرين تي پاڪستاني قيادت جي ردعمل جي مذمت به ڪئي هئي

ھي به پڙھندا

آمريڪا جي ڌمڪي: قومي سلامتي ڪميٽي جي هدايت تي سفارتڪار کي سڏائي احتجاج ڪيو: شاهه محمود قريشي