شعيب ملڪ سان فوٽو شوٽ جو ڪو نقصان نه ٿيو هو: عائشه عمر

0
514
شعيب ملڪ سان فوٽو

ڪراچي(شوبز نيوز) اداڪاره عائشه عمر پنهنجي ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شعيب ملڪ جي فوٽو سيشن تي ثانيه مرزا جي رد عمل بابت ٻڌايو آهي

هڪ پروگرام ۾ ميزبان نعمان اعجاز اداڪاره کان سوال ڪيو ته توهان سان ٿيندڙ فوٽ شوٽ جو شعيب ملڪ کي ڪيترو نقصان ٿيو؟ جنهن تي عائشه عمر چيو ته ڇا ان کي گهڻو فائدو نه ٿيو؟ گڏ ئي عائشه عمر۽ ميزبان ٽهڪ ڏنا

اداڪاره ڳالهه جاري رکندي چيو ته مون کي نٿو لڳي ته شعيب کي انهن تصويرن جو ڪو نقصان ٿيو هوندو، آئون ۽ شعيب تمام سٺا دوست آهيون ۽ اسان اهي شوٽ تمام مزي سان ڪيا هئا. ۽ شڪر آهي اسان ٻنهي کي ان جو فائدو ٿيو، ڪو نقصان ناهي ٿيو. ميزبان

نعمان اعجاز چيو ته ڇا توهان کي خبر هي ته شعيب جي زال ثانيه مرزا صاحبه کي اهي تصويرون ڪيترا ڀيرا ٽيگ ڪيون ويون هيون، جنهن تي عائشه چيو ته ثانيه تمام پياري انسان آهي، هن کي ان ڳالهه جي خبر آهي ته اسين دوستن آهيون، کل ڀوڳ ۾ خوب ميمزن ٺاهيون جنهن مان اسان مزو ماڻيو

واضح رهي ته ڪڪهه وقت اڳ اداڪاره عائشه عمر ۽ ڪرڪيٽر شعيب ملڪ فوٽو شوٽ ڪيو جنهن جون تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيون هيون ڪجهه ماڻهن تنقيد به ڪئي هئي.