آمريڪا جي ڌمڪي: قومي سلامتي ڪميٽي جي هدايت تي سفارتڪار کي سڏائي احتجاج ڪيو: شاهه محمود قريشي

0
204
قومي سلامتي ڪميٽي جي

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) اڳوڻي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڌمڪي واري خط تي قومي سلامتي ڪميٽي جي هدايت تي سفارتڪار کي سڏائي ”ڊي مارش“ ڪيو

نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان هڪ آزاد ۽ خودمختيار ملڪ آهي، ڪنهن به ملڪ کي اسان جي اندروني معاملن ۾ مداخلت نه ڪرڻ گهرجي، فيصلا اسان جي آئين، قانون ۽ عوامي خواهشن موجب ٿيڻ گهرجن

هن چيو ته پاڪستاني قوم اندروني معاملن ۾ ڪنهن به قسم جي ٻاهرين مداخلت نٿي چاهي، قومي سلامتي ڪميٽي چئي رهي آهي ته پرڏيهي مداخلت مناسب آهي” ڊي مارش “ ڪيو وڃي، قومي سلامتي ڪميٽي جي هدايت تي سفارتڪار کي گهرائي ”ڊي مارش“ ڪيو ۽ واشنگٽن ۾ به پنهنجي سفيرجي ذريعي احتجاج رڪارڊ ڪرايو

شاهه محمود قريشي وڌيڪ چيو ته ترڪي پاڪستان جو دوست ملڪ آهي ۽ هر ڏکئي وقت ۾ اسان سان گڏ رهيو، آئين تي دانهون ڪرڻ وارا ٻڌائن ته آئين ۾ ڪٿي لڪيل آهي ته ماڻهن جا ضمير خريد ڪيا وڃن

هن چيو ته هندستان، پاڪستان ۾ اهڙي حڪومت چاهي ٿي جيڪا هن لاءِ نرم رويو رکندي هجي، هندوستان کي چيو هو ته سٺا لاڳاپا چاهيون ٿا، ڪشميرين جا سوداگر هرگز نه ٿينداسين

واضح رهي ته پاڪستان آمريڪي جي ڌمڪي واري خط تي آمريڪا سان احتجاج ڪيو آهي ۽ هن ضمن ۾ آمريڪي سفارخار کي پرڏيهي آفيس گهرائي احتجاج ڪيو ويو

ھي به پڙھندا

اسپيڪر آرٽيڪل 5 جو حوالو به ڏيئي ته به بي اعتمادي رٿ کي رد نٿو ڪري سگهي: چيف جسٽس