ارسا جي صلاحڪاري ڪاميٽي ۾ ٿيل فيصلا

0
100
آر بي او ڊي واري منصوبي ۾رنڊڪون ۽ رڪاوٽون

هر سال ارسا جي صلاحڪاري ڪاميٽي جو اجلاس ربيع ۽ خريف جي مند شروع ٿيڻ کان اڳ ۾ ٿيندو آهي ته جيئن اهو اڳواٽ معلوم ٿئي ته اڳواٽ خريف ۾ ڪيترو پاڻي هوندو ۽ باقي خريف ۾ ڪيترو هوندو؟ ڊيمن ۾ ڀرڻ لاءِ گهڻو پاڻي هوندو ۽ ڪوٽڙي کان هيٺ ڇڏڻ لاءِ ڪيترو پاڻي هوندو.؟ انهي سلسلي ۾ ٻه اجلاس ٿيندا آهن. پهريون فني ڪاميٽي جو ۽ تنهن کانپوءِ صلاحڪاري ڪاميٽي جو. هن سال فني ڪاميٽي جي گڏجاڻي 25 مارچ تي ٿي ۽ صلاحڪاري ڪاميٽي جي گڏجاڻي 31 مارچ تي ٿي. مان هن مضمون کي 3 حصن ۾ ورهايان ٿو ته جيئن تجزيو ڪري سگهجي.

پاڻي هن خريف ۾ گهڻو اچي سگهي ٿو؟

  صلاحڪاري ڪاميٽي ۾ ارسا جي فني ڪاميٽي جي فيصلي کي مڃيو ويو. انهي مطابق آڳاٽي خريف ۾ پاڻي اچي سگهي ٿو 28.29 ۽ باقي خريف ۾ 80.89 ملين ايڪڙ فوٽ. ڪل پاڻي ٿيو 109.18 ملين ايڪڙ ڦوٽ. انهي مان درياهه جي مختلف ٽڪرن ۾ پاڻي جو زيان ڪٽي ڪوٽڙي بيراج کان هيٺ گهربل پاڻي ڪٽي صوبن ۾ ورهايو وڃي ٿو.

(1) پاڻي جو زيان: انهي ۾ ٻنهي زونن ۾ پاڻي جي زيان جو ڪاٿو لڳائبو آهي.

انڊس زون: آڳاٽو خريف 40 سيڪڙو. باقي خريف 15 سيڪڙو.

جهلم ،چناب زون: آڳاٽو خريف 10 سيڪڙو ۽ باقي خريف 0 سيڪڙو.

(2) ورهاست وارا مسئلا:

صلاحڪاري ڪاميٽي  ۾ فيصلو ٿيو ته صوبن ۾ پاڻي ورهاست ٽي رخي فارمولي تحت ٿيندي  جنهن کي انگريزي ۾ (Three tier Formula) چيو وڃي ٿو. صوبن ۾ ڪل پاڻي ورهايو ويو 117.35 ملين ايڪڙ فوٽ پر هر سال سراسري پاڻي دستياب آهي 105 ملين ايڪڙ فوٽ. انهي ورهاست ۾ پنجاب کي نقصان ٿئي ٿو ۽ هو انهي ورهاست تي اعتراض ڪري ٿو.

ٺاهه موجب صوبن ۾ ورهايل پاڻي:

پنجاب : 55.94 ملين ايڪڙ فوٽ

سنڌ 48.76 ملين ايڪڙ فوٽ.

خيبرپختونخوا: 8.78 ملين ايڪڙ فوٽ.

بلوچستان : 3.87 ملين ايڪڙ فوٽ.

ٽوٽل:  117.35 ملين ايڪڙ فوٽ.

پنجاب صوبي کي ٺاهه ۾ ورهايل پاڻي جي مقابلي ۾ 105 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي مان ملي ٿو رڳو 50.5 ملين ايڪڙ فوٽ، تنهن ڪري هنن وٽ ورهاست سال 1977ع کان سال 1982ع جي سراسري کنيل پاڻي مطابق ٿيڻ کپي ۽ ٺاهه جي پيرا 2 مطابق نه ٿيڻ کپي. ورهاست انهي مطابق ٿيندي رهي پر سال 2003ع ۾ سنڌ جي گوڙ ڪرڻ تي وري هڪ نئون طريقو طئي ڪيو ويو. انهي جو نالو ٽي سطحي فارمولو رکيو ويو جنهن کي انگريزي ۾ Three tier Formula چيو وڃي ٿو. انهي ٽي سطحي فارمولي ۾ آهي ڇا؟ يعني انهي مطابق صوبن ۾ پاڻي جي ورهاست انهي نموني ۾ ٿيڻ کپي ته جيڪڏهن پاڻي 105 ملين ايڪڙ فوٽ مان گهٽ آهي ته ورهاست سال 1977 کان سال 1982ع جي کنيل پاڻي مطابق ٿئي.  جيڪڏهن پاڻي 114.35 ملين ايڪڙ فوٽ آهي ته ته ورهاست ٺاهه مطابق ٿئي (انهي ۾ خيبرپختونخوا  جا 3 ملين ايڪڙ فوٽ ڪٽ ڪيا ويا جو اهي مٿين واهن جا آهن، جيڪي رم اسٽيشن  کان مٿي آهن.) وري جيڪڏهن پاڻي 117.35 ملين فوٽ کان مٿي آهي ته ورهاست شق نمبر 7 مطابق هرڪو صوبو مٿي پاڻي کڻي، شق 7 ۾ آهي ته هرڪو صوبو هيٺين ريت پاڻي کڻي.

پنجاب 37 سيڪڙو

سنڌ 37 سيڪڙو

خبرپختونخوا 14 سيڪڙو

بلوچستان 12 سيڪڙو.

ٽوٽل 100 سيڪڙو.

(3) حل ڇا آهي؟

صوبن ۾ پاڻي ورهاست جو جهيڙو انهي ڪري آهي ته آيل پاڻي گهٽ ۽ ورهايل پاڻي گهڻو آهي. وري ارسا کي اختيار آهي ته هو اڪثريتي بنياد تي فيصلو ڪري سگهي ٿي. پنجاب وارن جي چوڻ تي ارسا غلط فيصلا ڪري ٿي. پر ان لاءِ اهو حل آهي ته سنڌ سرڪار يا وفاقي سرڪار جنهن کي اعتراض هجي اهو لکت ۾ Council of common Intrerst کي ڏئي ته اسان کي اهو اعتراض آهي. مان آبپاشي کاتي جي سڀني آفيسرن کان پڇا ڪئي آهي ته ڇا اهڙو ڪو اعتراض سنڌ وارن لکيوآهي پر سڀني انهي بابت لاعلمي ڏيکاري. ٻئي پاسي ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ جو چيئرمين وزيراعظم عمران خان پنهنجي مصيبت ۾ ڦاٿل آهي ۽ ڪو فيصلو جنهن ۾ پنجاب صوبي کي ناراض ڪري اهو نٿو ڪري ۽ صورتحال ايئن جو ايئن ئي رهندي.