وقت  گذري ٿو وڃي.

0
161
سنڌ تي لٿل اداس شامون

هن وقت معاشي بدحالي  عروج تي پهتل آھي، جنهن ڪري پسمانده علائقن ۾  خودڪشين جي واقعن ۾  تيزي اچي رهي آھي،  عجيب اتفاق آھي ته هن وقت جڏھن ماڻھو بک، بيماري، پاڻي جي کوٽ  ۽ ٻين سببن ڪري بيوس بڻجي خاموشي جي عالم ۾  ڌڪجي رهيا آھن ته ان وقت مون کي  هي جملو  هر وقت  ياد ايندو رهي ٿو.“ هلندو هل وقت ته گذري وڃڻو آھي ” واقعي وقت  تيزي سان گذري ٿو وڃي ماڻھو جون آتمائون اڌوريون رهجي ٿيون وڃن .

 گوتم ٻڌ جي ان عجيب چوڻي تي به  سوچي ڇرڪجي ويندو آھيان جنهن ۾ هن چيو هو ته “بس ڪجھه به نه ڪر،اتي بيٺو رهه.”

 گهڻي سوچ ويچار کان پوءِ اڃان تائين گوتم جي ان چوڻي جي تھه تائين پهچي نه سگهيو آھيان ته آخر ان جو مطلب ڇا آھي؟ هن سنسار ۾ ڌرتي جي خطي تي فقط وڻ ئي آھن جيڪي هڪ هنڌ بيٺا آھن ۽ ڪجھه به نه ٿا ڪن، باقي ته سڀ جاندار چر پر به ڪن ٿا ۽ ڪنهن نه ڪنهن عمل ۾ ڪجھه ڪندا ئي رهن ٿا، جيئن جاندارن ۾ پکي،جانور ۽ ريڙھيون پائيندڙ بلائون هر وقت تلاش روزگار ۾ نه فقط سرگردان رهنديون آھن پر گڏوگڏ حياتيات جي عمل ۾ مصروف ڪار به رهنديون آھن.

دنيا جي تاريخ ۾ ٻڌ اهو نرالو جينيس هو جيڪو ناستڪ هوندي به ڪاميابي سان نه فقط هڪ ڌرم جو بنياد رکي سگهيو، ليڪن ذاتي زندگي جي ڪار گذارين مان به مطمئن رهيو، جڏھن ته بر ٽرينڊ رسل جنهن جا خيال ٻڌ جي خيالن سان گهڻو ڪري ملندڙ جلندڙ ھئا پر هو ان ڪري به پهنجو پاڻ مان مطمئن نه رهيو ڇاڪاڻ ته هن جي حسرت هئي ته هو چين ۾ ڇو نه ڄائو؟ هو چوندو هو ته هو جيڪڏھن چين ۾ ڄمي ها ته زندگي جي حاصلات جي بلندين تي پهچي ها.

جيئن شفن چوندو هو ته اسان جي ڪيڏي نه بد قسمتي آھي جو اسين هتي ڄاياسين،  جيڪڏھن ٻاهر ڄمون ها ته ترقي جون منزلون ايئن طئي ڪريون ها جيئن عقاب اڏام جو منزلون طئي ڪندو آھي. شفن  پورهيت ماڻھو هو.  هو مولانا عبيدالله سنڌي وانگي  آزادي جي تحريڪ جو ڪو سرگرم اڳواڻ ڪونه هو، جنهن نه فقط اهڙي ڳالھه ڪئي هجي، جيڪا ماڻھو کي ڇرڪائيندي هجي ته مرڻ کان پوءِ کيس آزاد ملڪ ۾ دفن ڪيو وڃي. ليڪن 1944ع ۾  مولانا عبيدالله سنڌي کي مرڻ کان پوءِ   دين پور /بهاولپور ۾ دفنايو ويو. شفن هڪ ئي وقت پورهيت ۽ ساز وڄائيندڙ به هو. هن جرمن ڪمپوزر براهمس جيان موسيقار ته پيدا ڪو نه ڪيا ۽ نه ئي هو وري جديد سازن کان واقف هو، پر ڪڏھن ڪڏھن جڏھن گهڙو وڄائيندو هو ته ٻي ساري موسيقي هن جي آڏو ڄڻ گونگي پئي لڳندي هئي ان ڪري به شايد جو هن جو درد۽ ادائون غضب جون هيون.  شفن پورهيو ڪندي گهڙووڄائيندي بيمار ٿي پيو ۽ ان ئي بيماري ۾ گذاري ويو.

يونيورسٽي ۾ پڙھڻ دوران هڪ پروفيسر جنهن جو نالو ياد نه رهيو آھي جيڪو جڏھن ڪلاس ۾ ايندو هو ته ساهه ڀرجي پوندو هوس. هو رت ڇڏي ويل ڦڦڙ جي رنگ جهڙو هيڊو ٿي ويو هو. ٿوٿريل منهن سان اهو پروفيسر بيماري ۽ عمر جي وڌندڙ رفتار سبب “ويٺو رهه ڪجھه به نه ڪر”، جهڙي حد تي وڃي بيٺو هو. بيماري ۽ پيري زندگي ۾ اها لڳندڙ بد دعا آھي جيڪا تيزي سان انت ڏانهن وڌندي ويندي آھي. پروفيسر هڪ ئي هفتي اندر گذاري ويو. ان جي وڌيڪ جيئڻ جون تمنائون ختم ٿي ويون، مون کي منهنجي هڪ ڪلاس ميٽ جيڪو ان پروفيسر جو پاڙيسري هو، ٻڌايو هو ته هن جا عمر جي آخري حد  تائين به ناڪام معاشقا رهندا ٿي آيا. هن پاڻ وڻائڻ خاطر ڪڏھن ادبي تخليقون سرجڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي ته ڪڏھن وري ڪنڌ ۾ ڪنٺا پائي ڳائڻ ٿي لڳو. زندگي ۾ عشق جي ڪامياب پيچرن کي ڳوليندي هن کي بيماري جو روڳ لڳي ويو ۽ نيٺ، خواب جهڙي هن جي زندگي جي پڄاڻي ٿي ويئي.

سومار پرهياڙ جي ڀيٽ ان پروفيسر سان ان ڪري نٿي ڪري سگهجي جو هو نه  اعليٰ تعليم يافتا هو ۽ نه ئي اهم عهدي تي فائز هو. سومار  ليکي چوکي ڪرڻ جيترو پڙھيل ۽ پورهيت ڪلاس جو ماڻھو هو. جيتوڻيڪ هن نه ته ڪو تاريخ ساز ڪارنامو سر انجام ڏنو ۽ نه هو شاعر،اديب ۽ ڪلاڪار هو.  هو يارن جو يار هو ،هن جو خيال هو ته يارن جي ڪري سر وڃي ته ڀلي وڃي، هن ياري جي ڏوري کي ڍلو يا وري ٽٽڻ ڪڏھن به ن ڏنو. هن وقت ماڻھن ۾ اها خوبي ان ڪري به گهٽجندي پئي وڃي جو هاڻي هر ماڻھو پهنجا مفاد ياري تان قربان نه ٿو ڪري، ليڪن ياري مفادن تان گهوري ٿو ڇڏي، حالتن ترقي جي چٽا ڀيٽي ۾ ايتري ته تيزي آندي آھي، جو هر ماڻھو انهن عادتن ۽ رسمن کي هاڻي فضول سمجهڻ لڳو آھي، بدلجندڙ حالتن ته ماڻھن جو ماءُ پيءَ جي عظيم رشتي کان به منهن ڦيرائي ڇڏيو آھي، معاشي بدحالي هن وقت ماڻھن تي ڪنهن قيامت جيان ڪڙڪي پيئي آھي.

ٽيڪسي ڊرائيور سومار پرهياڙ جاتي چوڪ لڳ هڪ اهڙي ڳوٺڙي جو رهاڪو هو جيڪو تصوراتي ڳوٺڙو لڳندو آھي. هن جي جواني فلم جي ولين جهڙي ۽ پيري مظلوم ۽ رحم جوڳي هئي. هو بنيادي طور پروفيشنل ڊرائيور هو کيس ذاتي ڊاٽسن هئي، ڪڏھن ڪڏھن سومار علي ملاح جي دڪان تي اچي ويهندو هو ۽ زندگي جا تلخ تجربا ويهي ٻڌائيندو هو. آئون جڏھن هن ۾ گهوري ڏسندو هوس ته مون کي الائي ڇو ايئن پيو محسوس ٿيندو هو ته ڄڻ موت هن کي وٺڻ لاءِ نغارو وڄائي رهيو آھي.

سنڌ ۾ آڳاٽي دور ۾ ڪجھه ذاتين جي ماڻھن ۾ اها رسم هئي ته جڏھن انهن ۾ ڪو ماڻھو مرندو هو ته ان جي لاش کڻڻ سان گڏ قبرستان تائين نغارو وڄايو ويندو هو.نغارو جنگين ۾ به وڄايو ويندو هو، جنهن ملڪ جي فوج کي فتح نصيب ٿيندي هئي ته نغارا وڄندا هئا، آمريڪا جي   شاعر صحافي ۽ مضمون نگار والٽ وٽمين 1865ع ۾ نظمن جو شاهڪار ڪتاب “نغاري تي ٺڪاءُ” drum taps لکيو ،جيڪو آمريڪا جي خانا جنگي جي صورتحال ۾ پاڻ سنڀالڻ ۽ ڪمزور دل ماڻھن کي همٿائڻ خاطر هو، جنهن ڪتاب کي بعد۾“گاهه جا پن” leaves of grass ڪتاب ۾ شامل ڪري ڇڏيائين.سومار جي موت تي نه ڪو نغارو وڳو ۽نه ئي ڪانڌين جو ڪو وڏو انبوهه گڏ ٿيو، سندس مٽ مائٽن ۽ دوستن کيس تتل ٽپهري ويل کڻي مٽي ماءَ حوالي ڪري ڇڏيو. آئون سومار جي لاش کي ڪلهو ڏيئي پٺتي موٽان ٿو ته مون کي اهو پوڙهو چارڻ ياد ٿو اچي جنهن جي اکين جا ڌوڏا ٻاهر نڪتل هئا. مٿي تي پٽڪو ۽ پيرن ۾ کيٺر پيل هونداهئس، بڪين کان نرين تائين کھه لڳل هوندي هيس، پراڻي لوئي ۾ تنبورو ۽ چپڙيون ٻڌل هونديون هيس، هو جتي جتي به ويندو هو، لوئي مان ساز کولي ڳائڻ شروع ڪندو هو.

هن جي ڀيٽ آسٽريا جي موسيقار موزارٽ 1756ع-1791ع سان ته ن ٿي ڪري سگهجي، جنهن موسيقي جي دنيا ۾نين ڪلائن کي جنم ڏنو. پندرهن ورهين جي ڄمار ۾ ھن موسيقي جا 100 شاهڪار تخليق ڪيا. هن جو پيءُ  ليو پولڊ به پيشيور وايولين نواز ۽ ڪمپوزر هو، جنهن موزارٽ جي تربيت ڪئي، ليڪن هن پوڙهي چارڻ جي تربيت ان عشق ڪئي، جنهن کيس در در فراق جي صدا هڻڻ تي مجبور ڪيو. هن پوڙهي چارڻ جو ڪمال ته اهو جو هو في البديع شعر ٺاهيندو ويندو هو ۽ ڳائيندو به ويندو هو، پر اهي درٻاري  شعر نه پاڻ لکي رکندو هو ۽ نه ئي ڪنهن کي لکڻ جي اجازت ڏيندو هو، بس هو چارڻ اس  جي واٽن جو مسافر رهيو، ڪٿان کان ان سفر شروع ڪيو ۽ ڪٿي ان جي سفر جي پڄاڻي ٿي، ان جي ته ڪائي خبر نه آھي، ليڪن هن سندس گلي جي يادن جون سڀ صدائون ساز ۽ آواز ذريعي زماني جي گسن پنڌن تي نقش  ڪرڻ جي پوري ڪوشش ڪئي، جتان کان نه فقط مهڪندڙ خوشبو ۽ مهڪندڙ گيتن سان گڏ باراتون گذرنديون آھن پر لاشن سان گڏ سڏڪندڙ ڪانڌين جون قطارون به گذرنديون آھن.

غربت، بيماري ۽ مشڪل حالتن ۾ الائي ڇو ساٿي ڇڏي ويندا آھن، رت جا رشتا ناتا ٽٽي ويندا آھن ۽ پوءِ زندگي آرهڙ جي تپت وانگر ٿي ويندي آھي، جڏھن اها تپت هٽندي آھي ته روح جو ڇانورو گم ٿي ويندو آھي، ڪجھه ڪردار مون کان به  وسرڻ ٿا لڳن ۽ منهنجو  وقت ايئنوهندو ٿو وڃي، جيئن کيڏندڙ ٻار جي مٺ مان وهندڙ واري.