آر اوز وڏي وزير نه اليڪشن ڪميشن مقرر ڪيا آهن: جميل سومرو

0
209
آر اوز وڏي وزير نه اليڪشن

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي پوليٽيڪل سيڪريٽري جميل احمد سومرو لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته لاڙڪاڻي ۾ مڪاني چونڊن  لاءِ آر اوز وڏي وزير جي منظوري سان مقرر ناهن ڪيا ويا

اليڪشن ڪميشن طرفان انهن کي مقرر ڪيو ويو آهي جيڪي پوري ملڪ ۾ عام توڙي بلدياتي چونڊن جي لاءِ تعليم کاتي سميت ٻين کاتن جي آفيسرن کي آر اوز مقرر ڪندا آهن اسان پنهنجا من پسند آر اوز مقرر ناهن ڪيا جيڪي آر اوز مقرر آهن اهي اليڪشن ڪميشن طرفان مقرر ٿيل آهن

هن چيو ته پيپلز پارٽي پئسن عيوض ووٽ وٺي خريد ڪرڻ واري پارٽي نه آهي اسان هر چونڊن ۾ عوامي طاقت تي يقين رکي ڪاميابي ماڻي آهي ۽ بلدياتي چونڊن ۾ لاڙڪاڻي شهر جي سمورن تڪن تي ڪاميابي ماڻينداسين

هن چيو ته گذريل عام چونڊون به سخت گرمي ۾ ٿيون، پي ٽي آءِ وارا گرمي ۾ جلسي ۽ جلوس ڪري سگهن ٿا ته پوءِ سنڌ ۾ گرمي جي موسم ۾ چونڊون ڇو نه ٿيون ٿي سگهن

ھي به پڙھندا

لاڙڪاڻي ضلعي ۾ 2355 مان 2187 اميدوارن جا نامزدگي فارم بحال: 168 فارم رد