لاڙڪاڻي ضلعي ۾ 2355 مان 2187 اميدوارن جا نامزدگي فارم بحال: 168 فارم رد

0
246
لاڙڪاڻي ضلعي ۾ 2355

لاڙڪاڻو ( رپورٽ نادر ابڙو) لاڙڪاڻي ضلعي ۾ ايندڙ مڪاني ادارن جي ٿيندڙ  چونڊن لاءِ لاڙڪاڻو ميونسپل ڪارپوريشن جي چئن ٽائون جي 20 يونين ڪاميٽين، ضلعي جي 46 يوسيز، ٻن ميونسپل ڪاميٽين ۽ چئن ٽائونن جي چيئرمين، وائيس چيئرمين، ميمبر ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۽ جنرل ڪائونسلر جي مجموعي طور 422 سيٽن تي چونڊن وڙهندڙ 2355 اميدوارن طرفان نامزدگي فارم جمع ڪرائي ڇڏيا جن مان 2187 اميدوارن جا اسڪروٽني بعد حتمي طور  فارم بحال ۽ 168 اميدوارن جا نامزدگي رد ڪيا ويا آهن

اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل انگ اکرن موجب لاڙڪاڻي ضلعي جي 46 يونين ڪائونسلن لاءِ ميمبر ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي لاءِ مجموعي طور 280 اميدوارن طرفان نامزدگي فارم جمع ڪرايا ويا جن مان 267 اميدوارن جا فارم بحال ڪيا ويا ۽ 13 جا رد ڪيا ويا آهن. يونين ڪائونسلن جي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي 46 سيٽن لاءِ مجموعي طور 305 اميدوارن طرفان نامزدگي فارم جمع ڪرايا ويا جن مان 285 بحال ڪيا ويا ۽ 20 رد ڪيا ويا آهن

جنرل ڪائونسلر جي 184 سيٽن لاءِ مجموعي طور جمع ڪرايل 885 نامزدگي فارمن مان 819 کي بحال ۽ 66 رد ڪيا ويا آهن. چئن ٽائون تي مشتمل لاڙڪاڻو ميونسپل ڪاميٽي جي 20 يونين ڪاميٽين جي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي 20 سيٽن لاءِ مجموعي طور تي 148 اميدوارن نامزدگي فارم جمع ڪرايا جن مان 136 کي بحال ۽ 12 رد ڪيا ويا

جنرل ڪائونسلر جي 80 سيٽن لاءِ مجموعي طور تي 394 اميدوارن طرفان نامزدگي فارم جمع ڪراي ويا جن مان 364 جا نامزدگي فارم بحال ۽ 30 رد ڪيا ويا آهن. ٽائون ڪاميٽينن جي 29 جنرل ڪائونسلر سيٽن لاءِ مجموعي طور تي 208 اميدوارن طرفان نامزدگي فارم جمع ڪرايا ويا جن مان 193 جا فارم بحال ۽ 15 رد ڪيا ويا آهن. ميونسپل ڪاميٽين جي 17 جنرل ڪائونسلر جي سيٽن لاءِ مجموعي طور 135 اميدوارن طرفان نامزدگي فارم جمع ڪرايا هئا جن مان 123 جا فارم بحال ۽ 12 رد ڪيا ويا آهن