ملير (رپورٽر) ملير  مان معصوم ٻالڪ  سميت 2 ڄڻا گم، وارثن پاران اغوا جو شڪ، رپورٽن موجب  ملير جي علائقي پپري جي اوڏ بستي مان گذريل ڏينهن 3 ورهين جو معصوم ٻارڙو سامر احمد لغاري پرسرار نموني گم ٿي ويو، ان موقعي تي ٻالڪ  جي پيءُ سمير لغاري رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته گهر ٻاهران راند کيڏندڙ ٻالڪ غائب ٿي ويو، ڳولا باوجود سندس ڪو ڏس پتو ناهي، ٻئي طرف عيدو ڳوٺ مان 22 ورهين جو نوجوان سيف علي عرف عدنان ميرجت پرسرار نموني گم ٿي ويو، نوجوان جي پيءُ محبوب ميرجت ٻڌايو ته منهنجو نوجوان پٽ هڪ ڏينهن اڳ گهران نڪرڻ بعد واپس ناهي آيو، سندس موبائل پڻ بند آهي، هن چيو ته اسان کي خدشو آهي ته کيس اغوا ڪيو ويو آهي، اسان گمشدگي جي اين سي داخل  ڪرائي آهي، ٻئي طرف پپري جي 22 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل پ پ ڪارڪن اڪرم گوندل جي بازيابي لاءِ سندس وارثن ظفر گوندل، مختيار رانجها ۽ ٻين پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪيو، هنن چيو ته بن قاسم پوليس اغوا ڪيس داخل ڪرڻ باوجود جوابدارن خلاف ڪارروائي نه پئي ڪري