رتوديرو (ن پ ا ) چار ڏينهن اڳ نئون ديرو ۾ قتل ٿيل واپاري بخشل منگي جي قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدار شاعر منظور  منگي ۽ سندس پٽ ذوالفقار کي رتوديرو جي سول جج ۽ جڊيشل مئجسٽريٽ 1 جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، عدالت جوابدارن کي ٻن ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو. شاعر منظور منگي ميڊيا وارن سان ڳالهائيندي چيو ته سئوٽ ۽ سنڍو بخشل منگي جي قتل تي پ پ وارا پنهنجي سياست چمڪائي رهيا آهن.هن چيو ته مڪاني چونڊن ۾ منهنجي پٽ ذوالفقار منگي ضلعي ڪائونسل لاءِ پ پ اڳواڻ اعجاز لغاري سامهون فارم ڀرايو، پ پ وارن خالد منگي کي نوڪري جي لالچ ڏني، هن مون کي اچي چيو هو ته مان مجبور آهيان، جنهن تان اسان ۾ جھيڙو ٿي پيو،شاعر منظور منگي چيو ته جهيڙي جي اين سي داخل ڪرائڻ لاءِ نئون ديرو ٿاڻي تي ويٺل هئاسين، منهنجن ڀائيٽين کي فون آئي ته بخشل کي گوليون لڳيون آهن.ايس ايچ او ٿاڻي تي ويهاري ڇڏيو، اسان ته ٿاڻي تي ويٺا هئاسين قتل ۾ ملوث ناهيون. هن چيو ته بخشل منگي جو قتل ڪيئن ٿيو آهي ۽ ان ۾ ڪير ملوث آهي ان لاءِ منهنجي هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ کي اپيل آهي ته قتل ڪيس جي حوالي سان جي آءِ ٽي جوڙي وڃي ته جيئن اصل حقيقت ظاهر ٿئي.