اسلام آباد(م ڊ) اطلاع آهن ته واپارين سان ملاقات ۾ آرمي چيف جنرل سيد عاصم منيريقين ڏياريو ته پاڪستان مشڪل معاشي حالتن مان ڪاميابي سان ٻاهر نڪري ايندو. ڊيفالٽ جو خطرو ٽري چڪو آهي، ملڪ ترقي ڪندو ۽ اسان هڪ خوشحال ملڪ بڻجي نڪرنداسين. ملاقات جي حوالي سان جاري ٿيل وڌيڪ تفصيلن ۾ چيو ويو آهي ته آرمي چيف سموري ملاقات دوران پراميد نظر آيو ۽ هن اعتماد جو اظهار ڪيو ته موجوده حڪومت معاشي پريشانين تي ڪنٽرول ڪري ورتو آهي. آرمي چيف ڪاروباري شخصيتن کي چيو ته هو هاڻ پرعزم ۽ پراعتماد رهن. آرمي چيف مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ڪاروباري ماڻهن کي ٻڌايو ته قوم تي پريشانيون اينديون آهن ۽ اسان مشڪل حالتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. پر تمام ڏکين حالتن کي اسان پوئتي ڇڏي چڪا آهيون. جنرل عاصم اسلامي تعليمات جو حوالو ڏنو ۽ شرڪت ڪندڙن کي يقين ڏياريو ته پاڪستان موجوده امتحان ۾ ڪامياب ٿي ويندو. ملاقات ۾ شامل هڪ شخص نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته ڪاروباري ماڻهن آرمي چيف سان ملاقات جي درخواست ڪئي هئي. ناڻي واري وزير کي آرمي چيف سيشن ۾ شرڪت لاءِ گهرايو هو. ڪاورباري ماڻهن هن ملاقات کي انتهائي ڪامياب قرار ڏنو.