راولپنڊي(م ڊ) اتروزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ 6 دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز اتروزيرستان ضلعي جي دتا خيل ۾ انٽيليجنس بنياد تي آپريشن ڪيو، جنهن دوران فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، جنهن ۾ 6 دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر ٻڌايو آهي ته مارجي ويل دهشتگرد سيڪيورٽي فورسز ۽ شهرين تي حملن ۾ ملوث هئا، انهن جي قبضي مان هٿيار، گولا ۽ بارود هٿ آيو آهي. آءِ ايس پي آر موجب مقامي ماڻهن سيڪيورٽي فورسز جي ردعمل کي ساراهيو ۽ دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي ۾ مڪمل سهڪار جو اظهار ڪيو.