ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پي ٽي آءِ پاران ڪراچي واسين کي آدمشماري ۾ گهٽ ڳڻڻ خلاف  شهر جي 29 ھنڌن تي مظاھرا ڪيا ويا،  سھراب ڳوٺ، لياقت آباد،  نمائش چورنگي،  تين تلوار، لياري، ڪورنگي ۽ ٻين ھنڌن تي  ميڙاڪن کي خطاب ڪندي اڳوڻي گورنر عمران اسماعيل، فردوس شميم نقوي، آفتاب صديقي ۽ ٻين چيو ته ڊجيٽل آدمشماري جي نالي ۾ عوام سان دوکو ڪيو پيو وڃي، سازش هيٺ  ڪراچي واسين کي گھٽ ڳڻيو پيو وڃي، اسان اھڙي عمل خلاف احتجاج ڪريون پيا، هنن چيو ته  شفاف طريقي سان ڳڻپ ٿيڻ تائين احتجاج ڪندا رھنداسين.