سکر(بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ اڳواڻ علي امين گنڊاپور جي حفاظتي ضمانت باوجود آزاد نه ڪرڻ ۽ کيس ناحق باندي بڻائڻ خلاف سيشن ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي وئي، سيشن جج علي امين جي آزادي بابت درخواست ٿرڊ ايڊيشنل سيشن جج سکر جي عدالت ڏانهن منتقل ڪئي وئي، درخواست جي ٿرڊ ايڊيشنل سيشن جج جهانگير ڀيو جي عدالت درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. وڪيل ظهير بابر عدالت ۾ درخواست ڏيندي ڄاڻايو ته علي امين گنڊاپور خلاف سنڌ ۾ وڌيڪ ڪيس داخل ناهن عدالت حفاظتي ضمانت منظور ڪرڻ باوجود سينٽرل جيل انتظاميه کيس آزاد ڪرڻ بدران بلاجواز قيد ڪيو ويو آهي. عدالت وڪيل جي دليلن بعد سول جج شاهنواز خان کي ريڊ ڪمشنر مقرر ڪيو ويو جيڪو جيل پهچي رڪارڊ چيڪ ڪرڻ بعد جيل انتظاميه کي رڪارڊ سميت سيشن ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. جيل ذريعن موجب علي امين گنڊاپور خلاف پنجاب ۾ ڪيس داخل ٿيل آهن جيل انتظاميه کيس پنجاب پوليس حوالي ڪرڻ چاهي ٿي. وڪيل ظهير بابر مطابق جيل انتظاميه سنڌ حڪومت معرفت علي امين گنڊاپور کي پنجاب پوليس حوالي ڪرڻ جي اجازت وٺڻ لاءِ عدالت ۾ درخواست ڏني وئي آهي، عدالت علي امين گنڊاپور کي حفاظتي ضمانت باوجود بلاجواز رکڻ خلاف درخواست تي جيل انتظاميه کي 2 مئي تي طلب ڪري ورتو آهي.