ڪراچي: جماعت اسلامي آدمشماري ۾ ڪراچي واسين کي گھٽ ڳڻڻ خلاف اڄ شاھراھ فيصل تي مارچ جو اعلان ڪيو آهي، ان ڏس ۾ جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته وفاقي حڪومت آدمشماري جي مدي ۾ 15 ڏينهن جي واڌ ڪئي آھي، اسين 15 ڏينهن دوران آدمشماري جي عمل جي نگراني ڪنداسين، جيڪڏهن ڪراچي جي صحيح ڳڻپ نه ٿي ته آدمشماري جي نتيجن کي قبول نه ڪنداسين، هن چيو ته پ پ، نواز ليگ ۽ پي ٽي آءِ حوصلو رکن،  ڪراچي واسين کي صحيح طريقي سان ڳڻيو وڃي، هن چيو ته پ پ گھٽ آدمشماري ڏيکاري ڪراچي جون قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون سيٽون گھٽائڻ چاھي ٿي هن چيو ته ڪراچي واسين سان زيادتيون بند ڪري کين حق ڏنا وڃن