ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي ڪراچي ۾ ٿيل  آدمشماري تي سخت اعتراض واريندي، مطالبو ڪيو آهي ته ڪراچي جي اسٽيڪ هولڊر جماعتن تي ٻڌل مانيٽرنگ  ڪاميٽي  جوڙي وڃي،  ڪالهه گورنر هائوس ويجهو پريس ڪلب چوڪ تي جماعت اسلامي پاران قائم ڪيل  احتجاجي ڪيمپ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ۽ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو ته مردم شماري ۾ جعلسازي ۽ بي قاعدگيون ٿيون آهن، ڪراچي واسين کي صحيح نموني ڳڻيو ناهي ويو، هن چيو ته پاڪستان ۾ سدائين اهو طبقو حڪمران رهيو آهي جنهن ڪراچي کي لٽيو آهي، ڪراچي واسي اڄ به بنيادي حقن کان محروم آهن، روزگار ميسر ناهي، اسٽريٽ ڪرائيم عروج تي آهي، آدمشماري جي نالي ۾ جعلسازي ڪئي پئي وڃي، هن مطالبو ڪيو ته صحيح  مردم شماري ڪري، ڪراچي واسين کي سندن حق ڏنا وڃن، هن اعلان ڪيو ته ايندڙ هفتي سمورين اهم شاهراهن تي ڌرڻا هنيا ويندا.