سکر (بيورو رپورٽ) آءِ بي اي سکر جون شاگردياڻيون ڄاڻائي احتجاجي وڊيو وائرل ڪرڻ واري معاملي جي جاچ رپورٽ انتظاميا وٽ پيش ڪئي وئي آھي. رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آھي تھ آءِ بي اي جي اڳوڻي وي سي نثار احمد صديقي جو پُٽ حسين صديقي ملوث آھي، ذريعن موجب جاچ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته وڊيو ۾ پمفليٽ کڻي بيٺل ناري بختاور سومرو سان نثار صديقي جي پُٽ حسين صديقي جا رابطا هئا، وڊيو ۾ نظر ايندڙ ناري نجي اسڪول ۾ ميٽرڪ جي شاگردياڻي هجڻ جو انڪشاف، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته الزام لڳائيندڙ شاگردياڻيءَ جو آءِ بي اي سان ڪوبه واسطو نه آهي، نارين طرفان اڳ آءِ بي اي خلاف دانهڻ واري وڊيو ڪجهه ڏينهن اڳ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي هئي.